لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان اين آر او وٺڻ لاءِ شهباز شريف ۽ خواجا آصف کي گرفتار ڪرايو، شهباز شريف کي جيل ۾ 100 ڏينهن ٿي ويا پر مٿس 100 پئسا ڪرپشن به ثابت ناهي ٿي، شهباز شريف کي 100 ڏينهن گرفتار ڪري اٽي ۽ کنڊ جي چوري ڪئي وئي، هاڻي بجلي ۽ گئس جي به چوري ڪئي پئي وڃي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم کي خبر آهي ته شهباز شريف کي ملڪ هلائڻ جي پوري تياري آهي، ان خلاف ڏيکاريل ڪاغذ عدالت ۾ پيش نه پيا ڪيا وڃن. هن چيو ته عمران خان اين آر او وٺڻ لاءِ شهباز شريف ۽ خواجا آصف کي گرفتار ڪرايو پر کيس اين آر او نه ملندو.
