163

پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي فيصلن جي پابند آهي: يوسف رضا گيلاني

ملتان (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پي ڊي ايم جي ريلي ۾ شرڪت لاءِ خاص جهاز ذريعي بهاولپور روانو ٿي ويو. ان کان اڳ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد ناظم حسين شاهه جي چاليهي ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلن جي پابند آهي. هن چيو ته بهاولپور انتظاميه جيڪڏهن هن وقت تائين ريلي جي اجازت نه ڏني آهي ته اهو افسوسناڪ آهي، اسان پنهنجي دور ۾ اپوزيشن کي ڪڏهن به جلسن ۽ ريلين کان نه روڪيو هو. هن چيو ته لاهور ۾ پي ڊي ايم جي جلسن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو هو. هن چيو ته ناظم حسين شاهه پارٽي جو اثاثو هو سندس خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو