ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي هڪ بيڪري ۾ گيس سيلينڊر جي ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. افغان ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪابل پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته بيڪري ۾ موجود سيلينڊر جي ڌماڪي سبب بيڪري کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا آهن. باهه جي شدت جي ڪري آس پاس وارن دڪانن کي به نقصان پهتو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته فوت ٿي ويل پورهيتن جا لاش ويجهي اسپتال پهچايا ويا آهن.
