217

تعليمي ادارا ڪڏهن کلندا، ان حوالي سان هن وقت ڪجهه چوڻ مشڪل آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارا ڪڏهن کلندا، ان حوالي سان هن وقت ڪجهه چوڻ مشڪل آهي. تعليم واري صوبائي وزير ٻڌايو ته 25 جنوري کان پرائمري اسڪول کولڻ جي تجويز آئي آهي، جڏهن ته سيڪينڊري اسڪول فيبروري جي پهرين هفتي ۾ کولڻ جي تجويز آهي، بعد ۾ وڏا ڪلاس کولڻ جي تجويز اماڻي وئي آهي، ان سلسلي ۾ 19 جنوري تي ٿيندڙ اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو. سعيد غني جو چوڻ هو ته تجويز ۾ ٽن مرحلن ۾ اسڪول کولڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اسڪول کولڻ جو فيصلو اين سي او سي ۽ صحت کاتي جي ڊيٽا ڏسي ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسڪول ڪڏهن کلندا ان بابت هاڻي ڪجهه چوڻ مشڪل آهي پر ايس او پيز تي عمل ٿئي ته لاڪ ڊائون جي ضرورت ئي نه پوي، لاڪ ڊائون جو فيصلو  ٿئي ته پوري ملڪ ۾ ٿيڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو