183

قرآن ياد ڪندڙ معصوم ٻار سبق ياد نه هجڻ تي استاد جي تشدد ۾ فوت، جوابدار گرفتار

وهاڙي (ويب ڊيسڪ) وهاڙي ۾ قرآن حفظ ڪندڙ شاگرد کي سبق ياد نه هجڻ تي استاد تشدد جو نشانوبڻايو، 8 ورهين جو ٻار تشدد جي سٽ نه سهندي دم ڏنو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس مطابق واقعو صدر ٿاڻي جي حد چڪ 214 اي بي بنگالا ۾ پيش آيو، جتي مدرسي ۾ قرآن حفظ ڪندڙ 8 ورهين جو شاگرد مبشر ياسين کي سبق ياد نه هجڻ تي استاد عمران يعقوب تشدد جو نشانو بڻايو، جتي ٻار جي حالت خراب ٿي وئي جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏنو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جوابدار عمران يعقوب کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻار جو لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو