حيدرآباد (ڳالهه ٻولهه: علي مراد چانڊيو) سنڌ جي بهترين ريڊيو آر جي ۽ خوبصورت آواز جي مالڪ ظھور مهدي چيو آھي ته ريڊيو حال ۽ مستقبل جي سگھاري ضرورت آھي، ٿورڙو ئي سھي پر پنھنجو ذاتي ڪم متعارف ڪرائجي، ريڊيو پنھنجو مٽ پاڻ آھي، هن وقت جيترا ريڊيو چئنلز وڌيا آهن، اوترو ئي ٻڌندڙ به وڌيا آهن. روزاني ”سوڀ“ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ريڊيو آر جي ظھور مهدي جو چوڻ هو ته وقت جي تيز رفتاريءَ سان گڏ ريڊيو ۾ به جدت آندي وئي آهي، اڳ ريڊيو چئنل هوندا هئا ۽ هاڻي وڏي انگ ۾ ايف ايم چئنل کلي رهيا آهن، جنهن ذريعي نيون ڳالهيون نئين انداز ۾ آواز جي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچن ٿيون، جنهن کي ٻڌندڙ ساراهين ٿا، ريڊيو چئنل جي ڀيٽ ۾ ايف ايم چئنل تمام گهڻا فاسٽ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هاڻوڪي ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به ريڊيو ٻڌندڙن جو انگ تمام وڌيڪ آهي، ماڻهو چون ٿا ته ريڊيو جا ٻڌندڙ گهٽيا آهن اهو بلڪل غلط آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو ان طرف ناهي هوندو ان کي ائين ئي محسوس ٿيندو آهي ته ٻڌندڙ گهٽجي رهيا آهن پر اسان جنهن وقت پروگرام ڪريون ٿا ته ان وقت اسان کي اندازو ٿئي ٿو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ ريڊيو ٻڌندڙن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، پروگرام دوران اسان کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته سڄو جهان هتي ئي آهي، ٽي وي جي ڀيٽ ۾ ريڊيو جو اسڪوپ وڌيڪ آهي، جنهنڪري ٻڌندڙن جو انگ به وڌيڪ آهي. تعليم بابت پڇيل سوال تي ظھور مهدي جو چوڻ هو ته نبي صلعم جو فرمان آھي ته: پينگھي کان قبر تائين علم حاصل ڪجي، مطلب ته علم جي حاصلات لاءِ ڪنھن به حدِ عمر جي پابندي ناھي، زندگي ۾ ھن وقت تائين جي سفر دوران، ڄامشوري جي پٿريلي، پَر نازڪ ۽ حساس سرزمين تي آباد درسگاھن ذريعي ماسٽرس تائين تعليم پرائڻ ۾ ڪامياب رھيو آھيان، وڌيڪ تعليم جي حاصلات لاءِ جوش و جذبو، ارادو نيڪ ۽ جوان آھي، انشاءَ الله تعليمي سلسلي ساڻ آخري دم تائين ڳانڍاپو رھندو. ريڊيو جي فيلڊ ڏانهن لاڙي بابت ظھور مهدي ٻڌايو ته جيئن سورج مکيءَ جو سج ڏانھن ڌيان ڌرڻ هوندو آهي، ساڳئي نموني شروع کان منھنجو مزاج به معاشرتي فڪر سان جڙيل رھيو آھي، انھيءَ فڪري ڏيتي ليتي جو طاقتور ذريعو ريڊيو ئي سمجهھ ۾ اچي ٿو ۽ ريڊيو ساڻ جڙڻ جو اھو ئي سبب رھيو آھي. آر جي ظھور مهدي جو چوڻ هو ته ھر عمل جو پنھنجو پنھنجو ذائقو ھجي ٿو، اھڙيءَ طرح جيتري قدر آواز جي آڌار ملندڙ تسڪين جو ذڪر ڪجي ته ريڊيو پنھنجو مٽ پاڻ آھي، مان سمجھان ٿو ته ريڊيو حال ۽ مستقبل جي سگھاري ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته اھا ئي خوبصورت تخليق آھي، جيڪا ملڪي لاھن چاڙھن بابت ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ روح جي غذا موسيقي پيش ڪري ٿو، ريڊيو بجلي جي مسئلن کان گھڻي ڀاڱي محفوظ ۽ ھر جاءِ، گھر، سفر، ٻني ٻاري، محنت مزدوري دوران جھر جھنگ تائين تفريح ۽ ڄاڻ جي اڻ کٽندڙ خزاني بنسبت ٽي وي ذريعي رسائي جي بغير ڪنھن رڪاوٽ جي وڌيڪ ڪامياب آھي، انھيءَ لاڀ واسطي ھر ڪن ۽ فڪر گھڻي ڀاڱي ريڊيو ساڻ جڙيل رھيو آھي. پنهنجي پيغام ۾ ظھور مهدي چيو ته ٿورڙو ئي سھي پر پنھنجو ذاتي ڪم متعارف ڪرائجي، نقل کان ڪنارو ڪرڻ گھرجي.
390