166

ٿر جي ماروئڙن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن..

ليکڪ: سجاول بجير

ٿرپارڪر ضلعي ۾ سردي پنهنجا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهن سبب سيءُ ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ مهانگائي، غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي ماروئڙن کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ٿر جي سمورن ڇهن ئي تعلقن جي 26 سئو ڳوٺن ۾ رهندڙ مسڪين ماروئڙن جا مهانگائي لاھه ڪڍي ڇڏيا آهن، جنهن سبب هزارين نوجوان جيڪي پڙهيل لکيل هجڻ باوجود ڊگريون کڻي بيروزگار گهمي رهيا آهن، ٿرڪول پراجيڪٽ يعني ٿر ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا هجڻ باوجود هتان جا هزارين پڙهيل لکيل نوجوان دربدر آهن، جيڪي نوڪرين جي  ڳولا ۾ ڀٽڪندي نظر اچن ٿا، انهي سلسلي ۾ ڪيل سروي موجب ته ٿر ۾ 50 سيڪڙو خاندان جيڪي انتهائي مسڪين غريب آهن ۽ انهن وٽ ويلي تي ماني کائڻ به مشڪل هوندي آهي، سخت سردي ۾ غريبن جا معصوم گلن جهڙا ٻارڙا انگ اگهاڙي بدن تي ٽُٽل ڦٽل ڪپڙن ۾ اگهاڙن پيرن گهمندي نظر اچن ٿا، انهن معصوم ٻارڙن وٽ پيرن ۾ پائڻ لاءِ جُتي نه ٿي هجي، جيڪي ٻارڙا قيامت خيز سخت سردي کان بچڻ لاءِ پيرن تي ڪاغذ جا ٽُڪرا ٻڌي ويڙهي گهمن ٿا، جڏهن ته معصوم ٻارڙا اسڪول وڃڻ بدران والدين جو ڀرجهلو بڻجي ويا آهن، پر سموري اهڙي صورتحال هوندي به ضلعي انتظاميا رليف ڏيڻ ته پري پر هٿرادو مهانگائي کان به عوام کي بچائي ناهي سگهي، آئون هتي اها گهر ڪريان ٿو ته ماروئڙن جي اهنجن تي ڌيان ڏئي مهانگائي تي ضابطو آڻي کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو