ليکڪ: برجانند شرما
مهذب ۽ باشعور معاشري ۾ تعليم ٻج وارو ڪردر ادا ڪري ٿي ۽ استاد ترقي،مهذپڻي ۽ شعور جو ٻج پوکيندڙ وارو ڪردار ادا ڪن ٿا، ملڪ جي آئيندي ۾ شاگردن جو ڪهڙو ڪردار هوندو، ان ۾ استادن جو اهم ڪردار ٿئي ٿو، پاڻ سڀ ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا ته سماج ۾ استاد جي ڪيڏي عزت ۽ حيثيت آهي.اسان وٽ چيو وڃي ٿو ته استاد شاگرد جي پيءُ ماءُ برابر ٿين ٿا. استاد کي پيءُ ماءُ جهڙا ٻئي عظيم ۽ شفيق درجا هڪ ئي وقت ڏنا ويا آهن. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي باشعور سماج جو بنياد رکڻ وارا استاد ئي آهن.دنيا ترقي واري سفر ۾ سچائي جي رستي تي تمام وڏي تيزي سان گامزن آهي.اسان جا ڪيترائي اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن، ڪيترائي اسڪول مال جا واڙا، اوطاقون ۽ گودام بڻيل آهن ۽ ڪافي اسڪول مڪمل بند آهن. رسول بخش پليجو چوندو هو ته ”سنڌ جي تعليم تباهه ٿي ناهي پر سوچيل سمجهيل سازشن تحت تباهه ڪئي وئي آهي ۽ بلڪل حقيقت آهي ته مختلف طريقن ۽ سازشن تحت سنڌي شاگردن ۾ مايوسي ڦهلائي کين ديوار سان لڳايو ويو آهي، جنهن جو تازو مثال پي ايم سي جو قيام آھي، جنهن خلاف سنڌ جا شاگرد سراپا احتجاج آهن ۽ ان کانسواءِ پنهنجي جائز حق گهرڻ تي استادن ۽ شاگردن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جا ڪيترا تي واقعا منظرعام تي آيا آهن، انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، تعليم جي معيار کي هٿ وٺي ڪيرايو ويو آهي، آئون سمجهان ٿو ته اسان جي تعليمي نظام کي درپيش تمام گهڻين خامين باوجود به جيڪڏهن استاد پنهنجو فرض پنهنجي پوري ايمانداري ۽ ديانتداري سان سرانجام ڏين، شاگردن جي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪن ته ايندڙ وقت ۾ ڪو ٻوٽو ٻري سگهي ٿو، جيئن مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ان مطابق اسان وٽ گهڻائي اهڙن استادن جي آهي جن کي خبر ئي ناهي ته استاد ۾ ڪهڙا بنيادي ۽ اخلاقي گڻ هئڻ گهرجن؟ استادن کي مون پنهنجي فرض ۽ ذميوارين کان به بيخبر ڏٺو آهي!آئون سمجهان ٿو ته اهو استاد شاگردن جو آئيڊيل ٽيچر نٿو ٿي سگهي جيڪو شاگردن کي اولاد وانگر نٿو سمجهي، استاد تي اها به اخلاقي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو وقت جو پابند هجي، استاد کي تمام گهڻو خوش مزاج هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته استاد جي خوش مزاجي شاگردن جي ذهني صحت تي تمام گهڻي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ استاد جو لهجو پيار،پنهجائپ ۽ شفقت ڀريو هجڻ گهرجي وغيره وغيره اسان وٽ استادن ۾ اهڙن اخلاقي گڻن جو وڏو فقدان آهي جنهن سبب استادن مان شاگردن کي تعليم کان وڌيڪ مايوسي پلئه پوي ٿي، عبدالغعار گوهر دائودپوٽي پنهنجي ڪتاب ”تعليم ۽ نفسيات“ ۾ لکيو آهي ته هڪ سٺي استاد کي نفسياتي ماهر هئڻ گهرجي ته جيئن شاگرد جي نفسيات کي سمجهي سگهي ۽ پوءِ ان حساب سان پنهنجي نفسيات مطابق شاگردن جي مونجهارا ختم ڪري انهن جي تربيت ڪرڻ گهرجي پر اسان وٽ ڪيترائي استاد اهڙا آهن جيڪي شاگردن کي نفسياتي مونجهارن مان ڪڍڻ بجاءِ کين نفسياتي مريض بڻايو ڇڏين، تنهنڪري گرو رجنيش اوشو پڻ پنهنجي ڪتاب ”تعليمي انقلاب“ جيڪا منصور قادر جوڻيجي جي ترجمو ڪيل آهي ان ۾ لکي ٿو ”اسان جا تعليمي ادارا ڪارخانن مثل آهن جيڪي بيمار ذهن تخليق ڪري رهيا آهن ۽ استاد جهڙي عظيم پيشي تي ڪاري داغ جيان لڳي ويل استادن کي گرو رجنيش اوشو شاگردن جي شعور ۽ تخليقي سگھہ جا قاتل لکيو آهي.جيڪي شاگرد يونيورسٽين مان پڙهي نڪتا آهن يا پڙهن پيا انهن کي خبر هوندي استادن جا رويا شاگردن جي اميدن ۽ ڪيفيتن کي ڪيئن ٿا ڏنگين! يونيورسٽين ۾ گهڻا استاد اهڙا آهن جن سان شاگرد اخلاق جي دائري ۾ رهندي به ڪو بحث نٿو ڪري سگهي، پنهنجو ڪو مسئلو استاد جي اڳيان نٿو رکي سگهي ڇاڪاڻ ته انهن جي ذهنن تي سپلي جو خوف سوار هوندو آهي، استادن کي گهرجي ته غريب هارين ۽ مزدورن جا ٻار جيڪي پارٽ ٽائيم ڪم ڪري بکيا ڏکيا ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت پڙهن ٿا انهن شاگردن کي اتساهن پر گهڻن استادن جا رويا انهن کي مايوسي ۽ ذھني مونجهارن جو شڪار بڻايو ڇڏين.استاد لاءِ شاگردياڻي پنهنجي ڌيءَ جيان هئڻ گهرجي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪيترين ئي استادن جي ڪيل جنسي حراسمينٽ جا ڪيترائي واقعا منظرعام تي آيا آهن يقينن ڪجھہ استادن جي اهڙين غليظ حرڪتن جي ڪري سٺن استادن جا به ڪنڌ ھيٺ ٿيو وڃن، استاد سائنسي سوچ جو مالڪ هجي، شاگردن جي نفسيات کي سمجهي، ان جي حالتن ۽ مسئلن کان باخبر رهي، شاگردن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري ۽ شاگرد کي پنهنجو اولاد سمجهي صرف اِهو يقين ڏياري ته تون ٽيلينٽيڊ آهين، تون سڀ ڪجهه ڪري سگهين ٿو تو ۾ اهي گڻ آهن جيڪي ڪامياب ماڻھو ۾ هئڻ گهرجن بس استاد اهو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته پوءِ شاگرد پنهنجي منزل ضرور ماڻيندو. منهنجي مشاهدي مطابق اوهان ڏکايل جي مدد نٿا ڪري سگهو ته نه ڪريو پر همدردي جو اظهار ڪيو ۽ اهو احساس ڏياريو ته آئون توهان سان گڏ آهيان مون جيئن محسوس ڪيو آهي ته انهيءَ وقت ڄڻ ان جو اڌ مسئلو حل ٿي ويو هجي ۽ اڌ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اوهان جي همدردي ان ۾ همت ۽ اتساهہ پيدا ڪندي۔ تنهنڪري استادن کي شاگردن جو همدرد ۽ ساٿي ٿي ڪري پنهنجي پوري سچائي ۽ ايمانداري سان پنهنجو فرض نڀائڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن استادن ائين ڪيو ته يقينن سٺن استادن جي کوٽ وارو خال ڀرجي ويندو ۽ تعليمي معيار ۾ چڱي خاصي بهتري ايندي.