ليکڪه: طيبه شاهه
ايڪويهين صديءَ جي هن تيزي سان ترقي ڪندڙ دور ۾ جتي هر شيءِ جي سهولت حاصل آهي، ماڻهن لاءِ نت سهولتون پيدا ٿي ويون آهن، هر شيءِ ڊجيٽلائيز ٿي وئي آهي، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهو هجي يا ڀر ۾ ويٺل ڪو ماڻهو موبائل وسيلي ان سان رابطو ڪري ٿا سگهون، ترقي يافته هن دور ۾ سڀ شيءِ هوندي به ڪا ته ڪمي آهي جيڪا اسان هن ترقي جي ڪري ڏسڻ کان قاصر آهيون يا ڏسڻ ئي نٿا چاهيون؟ اڳ صرف شهر کان ٻاهر يا ملڪ کان ٻاهر ويندڙ ماڻهو پري لڳندو هو، پر هينئر ته جيڪي گهر ۾ موجود آهن، انهن کي به هڪ ٻئي سان ڳالهائيندي ڪئي ڪئي ڏينهن ٿيو وڃن، ڇو والدين ۽ اولاد ۾ ايترو فاصلو اچي ويو آهي؟ اها ڪا پراڻي ڳالهه ناهي جو مرد صبح سوير اٿي ڪم ڪار سان نڪري ويندا هئا ۽ عورتون وري گهر جا ڪم پيون ڪنديون هيون ۽ واندڪائيءَ ۾ وري ڪو هنري ڪم ڪري وندر پڻ ڪنديون هيون.راتين جو ڪچهرين جون محفلون ٿينديون هيون، جتي ڏيهي توڙي پرڏيهي سماجي توڙي گهريلو مسئلن تي ڳالهيون ڪيون وينديون هيون، والدين جي اولاد تي چٽي نظر هوندي هئي، انهن هي هر ننڍي وڏي سرگرمين سان واقف رهندا هئا، ٻارن جي راند جو وقت به مقرر هوندو هو، جڏهن ماءُ پنهنجي ٻارن کي هي چئي پئي سمهاريندي هئي ته ”سوير سمهجي سوير اٿجي، اول ڌڻيءَ جو نالو وٺجي“ هر شيءِ وقت تي ٿيندي هئي، جتي رات سمهڻ لاءِ ۽ ڏينهن جاڳڻ لاءِ هوندو هو، جتي احساسن جو قدر هوندو هو، جتي قرب ئي قرب هو، سهولتون نه هئڻ باوجود به هر انسان پاڻ کي مطمئن ۽ خوش باش محسوس ڪندو هو.اسان گهر ۾ هوندي به گهر م موجود ناهيون، اسان رشتن کي ڪٿي پوئتي ڇڏي ويٺا آهيون..ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته هي مٺاڻ هي قرب ڪچهريون آخر ڪيڏانهن ويون ۽ ڇو ته ويون، ڇا سون پائي اسان ايترا ته بتال ٿي وياسين جو وسري وياسين ته اسان جا ڪن زخمي ٿين پيا؟ اسان ڇا وڃائي ويٺا آهيون؟ سيل فون جو وڌندڙ رجحان ئي ان جو غير ضروري استعمال اسانکي هن مقام تي وٺي آيو آهي، جتي اسان کي ان دٻي کان سواءِ ڪجهه نٿو ڏسجي، هي هڪ نشي يا وائرس وانگي ڦهلجي ويو آهي، ان جو گهڻو اثر نوجوان طبقي تي ٿيو آهي، جنهن کي ٻه ڏينهن ماني نه ڏيو ته نه گذر ٿي ويندس پر جي هڪ سيڪنڊ به موبائل پري ٿيس ته هانءُ ڦاٽڻ لڳندس. منهنجو پنهنجو ذاتي تجربو آهي ته هڪ ئي وقت ۾ اسان سڀئي ڀائر ڀينرون پنهنجين موبائل فونن ۾ مصروف هوندا آهيون ۽ جيجل ماءُ آس ۽ حيراني مان پئي اسان کي ڏسندي آهي، موبائل فون جو وڌندڙ رجحان هر لحاظ کان نقصانڪار آهي. جيڪو تعليم توڙي ازدواجي زندگيءَ لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي. رهيل ڪسر ڪورونا وائرس پوري ڪري ڇڏي جنهن جي اچڻ سان ٻيا نقصان ته پنهنجي جڳهه تي پر تعليم جي تباهي به اوج تي رهي آهي، اسڪولن جو کلڻ بند ٿيڻ وري؛ آنلائن ڪلاسز جو چڪر، پوءِ ته سائين واهه واهه جن ٻارن وٽ سمارٽ فون نه هئا انهن کي والدين ڪتاب جي جڳھه تي سمارٽ فون خريد ڪري ڏنا، پوءِ ته والدين تنقيد ڪرڻ به ڇڏي، پوءِ هاڻ ٻار جي مرضي ڪهڙو به ڪم ڪري، والدين ٻارن جي تعليم خاطر اهو زهر به پيتو، خير! هر شيءِ ضرورت آهر ۽ حساب ڪتاب سان ٺهندي آهي، هتي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ڀلي موبائيل استعمال ڪيو پر وقتائتو ۽ مناسب طريقي سان، نه ته اهڙي ترقي اسان جي تنزلي جو ڪارڻ بڻجي ويندي ۽ بقول سياڻن جي ته؛
”اهڙو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪن ڇني“.