ليکڪ: ڊاڪٽر امير علي چانڊيو
(حصو ٻيون)
پر پوءِ انهن ٻنهي نقطن جو وڏو عمل دخل رهي ٿو. يا ته وڌيڪ آدمشماري وارو ضلعو ٽوڙي وڌيڪ ضلعو ٺاهيو ويندو آهي يا وري وڏي ايراضي کي نظر ۾ رکندي وڏي ايراضي واري ضلعي کي وڌيڪ ضلعي حد بندين ۾ ورهايو ويندو آهي، اسان تازوئي ڪيا ماڙي ضلعي ٺهڻ تي مختلف پارٽين جا مختلف رويا ڏسون ٿا جن ۾ زميني حقيقت کي تسليم ڪرڻ بدران صرف سياسي مفادن، خاص طور تي پارٽي مفادن کي وڌيڪ ترجيح ڏني پئي وڃي جيئن ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ پاڪ سر زمين ان ضلعي ٺهڻ جي مخالفت ڪري ٿي، جيڪڏهن آدمشماري کي ڏسنداسين ڪياماڙي ضلعو جيڪو ڪراچي اولهه مان ٽوڙي ٺاهيو ويو آهي اهو آبادي جي حوالي کان سنڌ جي وڏي ۾ وڏي آدمشماري وارو ضلعو هو، جنهن جي آدمشماري 3914757 بيهي پئي ان ئي پارٽي يعني ايم ڪيو ايم کي ڏسنداسين ته جڏهن 2005 ۾ ارباب غلام رحيم حيدرآباد ضلعي کي ٽوڙي چار ضلعا ٺاهيا هئا ته ايم ڪيو ايم تمام خوش هئي ۽ ائين ئي خيرپور ضلعي کي ٽوڙي وڌيڪ ضلعا ٺاهڻ وارين خبرن تي هتان جا 2 اڳواڻ سخت ناراض ٿيا، ڏسڻ اهو گهرجي ته خيرپور کي وڌيڪ ضلعن ۾ ورهائڻ عوام جي فائدي ۾ آهي يا نقصان ۾، جيڪڏهن عوامي مفادن ۾ آهن ۽ ضلعن جون گهرجون پوريون ڪن ٿا ته پوءِ ڇو نه ٺهڻ گهرجن، خيرپور ضلعو ڪياماڙي ضلعي ٺهڻ کانپوءِ آبادي جي لحاظ کان چوٿين نمبر تي سڀ کان وڏو ضلعو آهي، جنهن جي 1917ع جي ڳڻپ مطابق 2405523 آدمشماري آهي، اهڙي ايراضي جي حوالي سان ٿرپارڪر کانپوءِ ٻيو نمبر وڏو ضلعو آهي، جنهن جي ڪل پکيڙ 215981 ڪلو ميٽر آهي، ضلعي جو هيڊڪوارٽر خيرپور شهر آهي، جيڪو ٻين علائقن کان پري آهي، ڪوٽ لالو کي ڏسو ته اهو 110 ڪلو ميٽر خيرپور کان پري آهي، رسول آباد، اڳڙا ۽ ناري تعلقي جا علائقا پڻ ضلعي هيڊڪوارٽر کان گهڻو پري آهن ۽ عوام کي پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ ۽ ضلعي انتظاميا کي گرفت ۽ سهولتون پهچائڻ ۾ ڏکيائيون اچن ٿيون، پر ڏٺو وڃي ته ڪي ڌريون ضلعي جي موجوده جوڙجڪ کي مقصد سمجهي مخالفت ڪن ٿي، جن ۾ پڙهيل لکيل دوست ۽ سياستدان به شامل آهن، پر جيڪڏهن اثرن کي جاچجي ته ان جا فائدا وڌيڪ آهن، خيرپور جيڪو اڄ ضلعي جي حيثيت ۾ سنڌ جو حصو آهي، اهو صدين کان سنڌ وطن جو حصو رهيو آهي، جڏهن 1783ع ۾ ٽالپرن ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي سنڌ تي حڪومت قائم ڪئي ته هنن سنڌ کي پنهنجن خاندانن ۾ ٽن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور ميرس رياستون بڻايون ويون، وري جيڪڏهن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي حملو ڪري ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ميرن شڪست کاڌي ۽ انگريزن طاقت جي زور تي قبضو ڪيو، پر تاريخ شاهد آهي ته خيرپور رياست جي مير علي مراد پنهنجن جو ساٿ ڏيڻ بدران ڌارين جو ساٿ ڏنو ۽ انگريزن وفاداريءَ طور خيرپور کي رياست باقي برقرار رکيو، جيڪا انهن جي حڪمراني هيٺ اندروني خودمختيار رياست جو درجو رکندڙ آهي، جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جدا وطن وٺڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پاڪستان قائم ٿيو ته ان وقت رياستن جي لاءِ فيصلو ٿيو ته جيڪا رياست جنهن به ملڪ جو حصو بڻجي يا آزاد رهي اها پنهنجي فيصلي ۾ آزاد آهي، اهڙي طرح خيرپور، بهاولپور ۽ ٻين رياستن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ پاڪستان سان ٿيل ٺاهه تحت اهو نقطو به شامل ٿيو ته خيرپور جو رياست وارو درجو بحال هوندو. جڏهن 1955ع ۾ اولهه پاڪستان جي نالي تي رياستن جو وجود ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو ته خيرپور جي به رياست واري حيثيت ختم ٿي وئي ۽ ان کي اولهه پاڪستان جي ڊويزن جي حيثيت ڏني وئي، 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ڪري صوبا بحال ڪيا ويا ته خيرپور کي سنڌ صوبي جي هڪ ڊويزن طور برقرار رکيو ويو ۽ ائين خيرپور سنڌ جو انتظامي حصو بڻجي سنڌ جي وحدت ۾ شامل ٿي۽ جڏهن 1970ع ۾ بنگال جو سانحو ٿيو ۽ اوڀر پاڪستان جدا ٿيو ته باقي پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو حوالي ڪيو ويو، ان خيرپور جي ڊويزن واري حيثيت ختم ڪري ان کي ضلعي جي حيثيت ڏئي سکر ڊويزن جو حصو قرار ڏنو، جنهن جي اڄ تائين ضلعي حيثيت برقرار آهي، تاريخ تي نظر وجهڻ سان واضح ٿي ويو ته خيرپور هڪ انتظامي حصو رهيو آهي، جنهن کي ٽالپرن رياست جو درجو ڏنو، انگريزن جي دور ۾ اندروني طور خودمختيار رهي ۽ ان جي تاريخ ڏسنداسين ته رياست جو وزيراعظم وفاقي حڪومت جو نمائندو رهيو، هاڻ وقت جي ضرورت آهي ته ٺري ميرواهه ۽ گمبٽ کي جدا ضلعن جي حيثيت ڏئي اتان جي عوام کي سهولتون ڏنيون وڃن، خيرپور کي ڊويزن جي حيثيت ڏني وڃي، جنهن سان ان جي اهميت اڃا به وڌندي ۽ ڏورانهن علائقن جي عوام کي سهولتون به ٿينديون ۽ اهي پهچائڻ ۾ آساني سان گڏ بهتر حڪمراني قائم ڪرڻ ۾ ڏکيائي به گهٽ ٿيندي، هاڻ ان زميني حقيقت جي بنيادن جو جائزو وٺو ته خيرپور ۾ وڌيڪ ضلعا ٺهي سگهن ٿا، پهريان ته پاڪستان جي آئين ۽ سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967ع مطابق ۽ اولهه پاڪستان روينيو ايڪٽ 1967ع مطابق هر صوبي کي اهو حق آهي ته هو وڌيڪ ضلعا ٺاهي سگهي ٿو، جنهن مان ظاهر آهي ته آئين ۾ ڪٿي به رڪاوٽ نه آهي، ٻيو ته ٽالپرن ۽ پاڪستان جي حڪمرانن جي ٺاهه ۾ ڪٿي به اهو لکيل ڪو نه آهي ته خيرپور ضلعو ئي رهندو، ٿورو پنجاب ۾ شامل ضلعي بهاول نگر تي نظر وجهون ته اهي 3 ضلعا يعني بهاولپور، بهاول نگر ۽ رحيم يار خان اڳوڻي رياست جي حدن ۾ اچن ٿا، انهن کي جدا جدا ضلعن جي حيثيت مليل آهي ۽ بهاولپور ڊويزن جو حصو آهن، اهڙي طرح خيرپور جي موجوده ڊيموگرافي، جاگرافي ۽ بيهڪ ڏسنداسين ته ان کي به ٽن ضلعن ۾ ورهائي سگهجي ٿو ۽ خيرپور، ٺري ميرواهه ۽ گمبٽ ضلعا ٺهي سگهن ٿا. **(هلندڙ)**