144

مهانگائي ۽ بيروزگاري جي پُڙن ۾ ڦاٿل عوام…

ايڊيٽوريل

ملڪ ۾ سياست جو پارو ڏينهون ڏينهن مٿي وڃي رهيو آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن آمهون سامهون آهن، تبديليءَ جي نعري سان آيل عمران خان ۽ ٻيا حڪومتي وزير عوام جا مسئلا حل ڪرڻ، غريب ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ سڌارا  آڻڻ بدران اپوزيشن پارٽين ۽ اڳواڻن مٿان تنقيد جا تير وسائي رهيا آهن، حڪومت پنهنجي اهم وزيرن کي پنهنجن کاتن ۾ بهتري آڻڻ بدران مخالف ڌر خلاف مورچن تي بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت جي پهرين ترجيح اپوزيشن کي هر حوالي سان ناڪام ڪرڻ ۽ پٺتي ڌڪڻ آهي، اڍائي سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، جنهن سبب سياسي پارٽين کان علاوه عام ۽ غريب طبقي جا ماڻهو به حڪومت کي پنهنجن سادن ۽ کرن لفظن سان تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، عام ماڻهو چاهي ٿو ته سندن بنيادي مسئلا اٽي ۽ ٻين عام واهپي جي شين ۾ گهٽتائي اچي ته جيئن اهي سندن پهچ ۾ اچي سگهن پر عام واهپي جون شيون هر ايندڙ ڏينهن غريب ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي رهيون آهن، پي ٽي آءِ سرڪار غربت جي خاتمي، مهانگائي تي ضابطي ۽ روزگار فراهم ڪرڻ وارن اعلانن ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، بظاهر حڪومت ڀل سئو سبب ڄاڻائي پر غريب ماڻهو جو انهن سببن سان نه پر پنهنجي بنيادن مسئلن جي حل ۽ جياپي جي جهان سان تعلق آهي، نئين سال مان ماڻهن جيڪي اميدون لڳايون هيون اهي ان وقت دم ٽوڙي ويون جڏهن نئين سال جي پهرين ڏينهن حڪومت طرفان تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي، تيل جي اگهن ۾ واڌ سان ئي هر شيءِ جي اگهن ۾ واضح طور اضافو ٿي ويندو آهي، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، بيروزگاري سبب ملڪ جا لکين نوجوان دربدري جو شڪار آهن، صنعتي شعبو پٺتي پئجي وڃڻ ۽ سوين صنعتون بند ٿيڻ ڪري بيروزگاريءَ جو طوفان اچي ويو آهي، جيڪو اڳتي هلي خراب نتيجا ڏيندو، شايد اهو سبب آهي جو ماڻهو حڪومت جي ڀيٽ ۾ مخالف ڌر جي ڳالهه کي اهميت ڏئي رهيا آهن ۽ اپوزيشن پڻ ان صورتحال جو فائدو وٺندي حڪومت سان مد مقابل آهي، اهڙو ڪو ڏينهن خالي ناهي جڏهن اپوزيشن جي اڳواڻن حڪومت مٿان تنقيد جا تير وسائيندي پڇاڻو نه ڪيو هجي، گذريل ڏينهن بهاولپور ۾ پي ڊي ايم جو جلسو به حڪومت ۽ وزيرن مٿان تنقيد سان شروع ٿي تنقيد تي ئي ختم ٿيو، مريم نواز سوال اٿاريا ته ڇا بيروزگاري جو طوفان تبديلي آهي؟ ڇا اٽي ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تبديلي آهي؟ ڇا غريبن جا گهر ڊاهڻ ۽ پنهنجو بني گالا رجسٽرڊ ڪرائڻ تبديلي آهي؟ پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان به حڪومت مٿان ڇوهه ڇنڊيا، ٺٽي ۾ پهتل پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پڻ حڪومت کان مهانگائي ۽ بيروزگاري تي پڇاڻو ڪندي نظر آيو، پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب غريب ماڻهن جي تڪليفن ۾ ويتر اضافو اچي ويو آهي، عام ماڻهو حڪومت مان بيزار اچي چڪو آهي، پي ڊي ايم نااهل حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري عوام جي جند آجي ڪرائيندي،  پ پ چيئرمين اهو پڻ واضح ڪيو ته پ پ سميت پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون متحد ۽ ساڳئي موقف تي قائم آهن، منجهن ڪو به اختلاف نه آهي، پارليامينٽ ۾ ڳالهيون ان صورت ۾ ٿينديون، جڏهن وزيراعظم عمران خان استعيفيٰ ڏيندو. حڪومت ۽ اپوزيشن ڌرين جو سياسي جهيڙو ته هلندو ئي رهندو پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙو لائحه عمل جوڙڻ گهرجي، جنهن سان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪري سگهجي.اپوزيشن حڪومت مٿان دٻاءَ وڌائي عوام کي رليف ڏياري سگهي ٿي، جڏهن ته عمران خان کي پنهنجي واعدن ۽ موجوده عملن تي نظرثاني ڪري غريب ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن، ائين نه ٿئي جو ايندڙ چونڊن ۾ عوام کيس رد ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته عوام ئي اصل طاقت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو