156

اسلام آباد سانحو، ڇا نوجوان جي خون سان انصاف ٿيندو..؟؟

ليکڪه: آمنه مفتي

وزيراعظم عمران خان حڪومت جي ذميواري سنڀالڻ کان پهريان ئي سٺيون سٺيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ تاريخ جي ڪامياب شخصيتن ۽ بهترين حڪومتي دورن کي مثال طور چونڊڻ سکي ورتو هو، ان ۾ ڪا خرابي به ناهي پر ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ۾ گهڻو فرق هوندو آهي، فرات جي ڪناري ڪتو ته ڇا بکيو رهي ها، پاڪستان جي روڊن تي عوام بي سهارا آهي، پوليس جو کاتو هميشه وانگر مارڻو ڏاند بڻيل آهي، ساهيوال سانحي تي تمام گهڻو دانهون ٿيڻ باوجود معاملي کي ڪهڙي طرح قالين هيٺان دٻايو ويو ڄڻ سالن کان ائين ٿيندو آيو هجي، نتيجو اهو نڪتو جو اسلام آباد سانحو پيش آيو، ساهيوال سانحي کي ڪيترا سال ٿيا آهن؟ شايد آڱرين تي ڳڻڻ جي ضرورت به نه آهي، ساهيوال سانحي کي ڪيترو نه نڪ جي پڪائي سان دٻايو ويو، ياد ڪرائڻ جي ضرورت ناهي، ڏک ۽ زيان تمام ننڍا لفظ آهن، ڪنهن نوجوان بيگناهه ٻار جي موت جي ڏکوئيندڙ واقعي جي بيان ڪرڻ جي نه مون ۾ همت آهي نه ئي اوهان پڙهي سگهندا، پر وقت جي حڪومت لاءِ به اهو صرف هڪ واقعو آهي، جنهن جي ذميواري هوءَ ڪالهه وانگر اڄ به قبول نه ڪندي، کوکلن لفظن ۽ ڪمزور لهجي ۾ روايتي مذمت ۽ سخت کان سخت ڪارروائي ڪرڻ جي عزم کي دهرائڻ وقت گهرو وزير صاحب کي شايد اهو احساس نه هو ته لفظ جڏهن بي روح هوندا آهن ته انهن جو وزن ايترو هوندو آهي جو ادا ڪرڻ وقت لهجو ڳرو ٿي ويندو آهي ۽ نظر جهڪي ويندي  آهي، ڀلي ادا ڪرڻ وارو شيخ رشيد ئي ڇو نه هجي، هڪ نوجوان ڇوڪرو جنهن لاءِ زندگي اڃا رباب جي تارن تي چڙهيل نغمو هئي، ان کي گولين جو بک بڻائڻ وقت غير تربيت يافتا پوليس وارن کي اهو به معلوم نه هو ته اهي سڌي فائرنگ ته مخصوص حالتن کانسواءِ ڪنهن ڌاڙيل تي به نٿا ڪري سگهن، آئون به هڪ ماءُ آهيان ۽ اهو ڄاڻان ٿي ته هڪ ٻار کي پالي نپائي وڏو ڪري 20 سالن جو ڪندي ڪندي ماءُ جي چيلهه به جهڪي ويندي آهي، ماءُ جي اها چيلهه تڏهن سڌي ٿيندي آهي ۽ فخر سان ڪنڌ تڏهن مٿي ٿيندو آهي جڏهن پٽ پنهنجي زندگي ۾ ڪامياب ٿيندو آهي، جنهن ماءُ جو جوان پٽ گهران نڪري ۽ واپسيءَ تي ان جو گولين سان پروڻ ٿيل لاش واپس اچي ته ان ماءُ جي جهڪيل چيلهه ڪڏهن به سڌي نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪڏهن ان جا ڳوڙها بيهي سگهن ٿا، وزيراعظم روحانيت تي به گهڻو اعتقاد رکي ٿو، ان ڪري کيس اهو به معلوم هوندو ته ماءُ ڪڏهن به ڪنهن کي بددعا ناهي ڏيندي، پر جڏهن ان جي دل مان آهه نڪرندي آهي ته عرش کي لوڏي ڇڏيندي آهي، ساهيوال سانحي کي اسان جي هائي گهوڙا کي نظرانداز نه ڪيو وڃي ها ته شايد هي واقعو پيش نه اچي ها، پر هتي ته سڌارن جي نالي تي نه ڄاڻ ڪهڙي راند کيڏي ويندي آهي، ڏک جي شڪل ناهي هوندي پر منهنجي نظرن آڏو اسلام آباد جي سي ٽي ڊي اسڪواڊ هٿان مارجي ويل اساما جي شڪل نه ٿي وڃي، مرڪندڙ مهڪندڙ گيت ڳائيندڙ نوجوان جيڪو ڪجهه ئي لمحن ۾ مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو، انهن جي هٿان جن جي پگهار ادا ڪرڻ لاءِ ٽئڪس جمع ڪرائيندي ڪرائيندي ملڪ جي پيڙهيل طبقي جي چيلهه ڀڄي پئي آهي، هن ڀيري به ڪجهه نه ٿيندو، بيان بازي، مذمتون، قصا ڪهاڻيون ۽ بس. پر جيڪڏهن وزيراعظم کي واقعي  فرات جي ڪناري بکايل ڪتي لاءِ جوابده محسوس ڪندڙ شخصيت جي مثال ۾ لاهڻو آهي ته هن ڀيري ايڪشن وٺڻو پوندو، نه ته ڳالهيون ته ڀلي پيا ٺاهيو پر ڳالهيون ٻڌائڻ وقت اهو سوچي وٺجو ته هن ڀيري به ماءُ جي جگر ۾ هٿ پيو آهي، ڪيترين ئي مائرن جون آهون کڻندا، پوليس جي نظام جا بنياد ئي لڏي رهيا آهن، انهن بنيادن تي جيڪا عمارت ٺهندي اها غير پائدار هوندي، هاڻ ته لکڻ وقت به ضايع ٿيڻ جو احساس ئي ٿيندو آهي، پٿر دلين تي اسان جا لفظ ڪهڙو اثر ڪندا؟ جن دلين کي ساهيوال واقعي تي تڪليف نه ٿي، جيڪي جگر تربت واقعي نه ڦاٽا، جن کي سرفراز جي موت تي شرم نه آيو، انهن کي هاڻ ڪهڙو فرق پوندو؟ بيحسي ۽ نڪ جي پڪائي جي وچ ۾ بصر جو هڪ سنهڙو ڪترو  هوندو، جڏهن اهو به نه رهي ته اهي ٻئي ڪيفيتون هڪ ٿي وينديون آهن،  اسان وٽ هتي پوليس جي کاتي ۾ سڌارن تي نڪ جي پڪائي اختيار ڪئي وئي آهي، اهي واقعا جنهن تسلسل سان پيش اچي رهيا آهن، جيڪڏهن اسان خاموش رهياسين ته سڀاڻي وري ايئن ٿيندو، اڳئي ڏينهن به ۽ ان کان اڳئين ڏينهن به ائين ٿيندو. ان سلسلي کي ڪيئن روڪڻو آهي، ڇو روڪڻو آهي، هي جن جو ڪم آهي اهي اپوزيشن تي تنقيد ڪرڻ ۾ پورا آهن، ڪچي گهڙي جهڙا هي ماڻهو وڏين شخصيتن جا قول ادا ڪرڻ وقت هڪ گهڙي لاءِ به اهو نٿا سوچين ته فرات ته گهڻو پري آهي، آئون پنهنجي ئي تخت گاهه ۾ بيگناهه مارجي ويل انسان جي موت جو ذميوار آهيان، ۽ مون کان سوال ٿيندو، ڪتو نه پر هڪ انسان مئو آهي ۽ اوهان سڀ جيڪي ان جا ذميوارآهيو، جوابده آهيو، سخت کان سخت ڪارروائي جو رڳو اعلان نه ڪيو پر ڪري ڏيکاريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو