166

پاڪستان ۾ ٻن ڄڻن کي نئين قسم جي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ٻن ڄڻن کي نئين قسم جي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق پاڪستان ۾ ٻن ڄڻن کي نئين قسم جي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي، ٻئي متاثر تازو برطانيا مان واپس ڏيهه آيا هئا. واضح رهي ته ڪورونا وائرس جو نئون قسم گذريل سال ڊسمبر مهيني ۾ ظاهر ٿيو هو، پاڪستان طرفان برطانيا کان پهتل مسافرن لاءِ سار ڪووڊ ٽو جي ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو