اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 18 جنوري کان تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ سمورن صوبن جي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ٿي، اجلاس ۾ سمورن صوبن جا تعليم وارا وزير ۽ لاڳاپيل عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شامل ٿيا. اجلاس ۾ صحت واري وزارت جي عملدارن ڪورونا جي تازي صورتحال تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ مئي ۽ جون ۾ بورڊ جا امتحان ڪرائڻ، گرمين جي موڪلن ۾ گهٽتائي ۽ تعليمي سال 22-2021ع آگسٽ کان شروع ڪرڻ وارين تجويزن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صحت واري وزارت جي سفارش جي روشني ۾ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته نائين کان ٻارهين تائين تعليمي ادارا 18 جنوري کان کوليا ويندا، پهرين کان 8 جماعت تائين تعليمي ادارا 25 جنوري جڏهن ته پهرين فيبروري کان يونيورسٽيون به کوليون وينديون. اجلاس کانپوءِ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏجي پريس بريفنگ دوران چيو ته صوبن جي تعليم وارن وزيرن جو اجلاس 14 يا 15 جنوري تي ٻيهر سڏايو ويندو، جنهن ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ 18 جنوري کان تعليمي ادارا ٻيهر کولڻ جي منظوري ڏني ويندي، مارچ ۾ ٿيندڙ بورڊ جا امتحان هاڻي مئي ۽ جون ۾ ٿيندا.
