189

ڪراچي جي محمود آباد واري علائقي ۾ قبضن خلاف آپريشن شروع، عملي ۽ رهواسين ۾ چڪريون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي محمود آباد واري علائقي ۾ قبضن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي عملي ڳري مشينري ذريعي ڪيترائي گهر، دڪان ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، آپريشن دوران عملي ۽ رهواسين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيو، جڏهن ته ڇڪتاڻ کي ٺاپر ۾ آڻڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. انتظاميا مطابق محمود آباد نالي جي ڀرپاسي ۾ حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جيڪو 4 ڏينهن جاري رهندو، آپريشن ۾ واٽر بورڊ، ايس بي سي اي ۽ روينيو بورڊ جي عملدارن حصو ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو