193

سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون ٽن ڏينهن لاءِ بند، عوام پريشان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪيون ويون آهن. آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن مطابق سڄي سنڌ ۾ سموريون سي اين جي اسٽيشنون ايس ايس جي سي جي نوٽيفڪيشن مطابق 4 جنوري جي صبح 8 وڳي کان 7 جنوري خميس ڏهاڙي صبح 8 وڳي تائين مسلسل 72 ڪلاڪن لاءِ سي اين جي اسٽيشنون بند ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته سڄي صوبي ۾ آر ايل اين جي تي منتقل ٿيندڙ اسٽيشنون به بند رهنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو