ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نئين سال جي شروعات ۾ ئي سوشل ميڊيا تي اداڪاره صنم جنگ جي طلاق بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن، جنهن بابت اداڪاره جو وضاحتي بيان سامهون اچي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي صنم جنگ ۽ سندس مڙس قاسم جعفري سان گڏ تصوير ذريعي طلاق جون خبرون هلي رهيون هيون، ان حوالي سان اداڪاره ۽ ميزبان صنم جنگ انسٽاگرام تي تفصيلي پوسٽ شيئر ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته مان رڳو اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته منهنجي ۽ قاسم جي الڳ ٿيڻ واري افواهن ۾ ڪابه صداقت ناهي، اهي افواهون مداحن پاران منهنجي انسٽاگرام تي رکيل پوسٽ جي تبصري کان شروع ٿيون، مون ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي صفائي يا وضاحت ڏيڻ جو ارادو نه ڪيو هو پر قاسم ۽ منهنجي ڪٽنب کي ان سلسلي ۾ روز فونون اچڻ شروع ٿيون. هن چيو ته قاسم ۽ مان خوش زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ ايندڙ هفتي اسان پنهنجي شادي جي ڇهين سالگرهه ملهائينداسين. هن چيو ته مان انهن ماڻهن جي ٿورائتي رهنديس جيڪڏهن هو اهڙين افواهن وارين پوسٽ کي ختم ڪن، مهرباني ڪري اسان جي ڪٽنبن سان به ڪجهه همدردي رکو، ڇاڪاڻ ته اسان به توهان جيان ئي آهيون.
200