190

استعيفائن جو انتظار آهي، پي ڊي ايم جي لانگ مارچ ۾ مخالف ڌر کي کاڌو ۽ مولانا فضل الرحمان کي حلوو به کارائينداسين: پرويز خٽڪ

نوشهر ه (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي استعيفائن جو انتظار آهي، مخالف ڌر جي استعيفائن سان ملڪ ۾بهتري ايندي، جلد کان جلد استعيفائون ڏئي سيٽون خالي ڪريو. نوشهره ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جي خالي سيٽن تي ڪاميابي ماڻي ملڪ جي بهتري لاءِ نيون ترميمون جوڙينداسين. هن چيو ته پي ڊي ايم لانگ مارچ ۽ استعيفائن وارو شوق پورو ڪري، مخالف ڌر کي کاڌو کارائينداسين ۽ مولانا فضل الرحمان کي حلوو به کارائينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو