211

مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ن ليگ جي صدر شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج جواد الحسن ڪئي. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو پر شهباز شريف جو وڪيل اسلام آباد ۾ مصروفيتن سبب پيش نه ٿيو. ٻڌڻي دوران شهباز شريف جو چوڻ هو ته پهرين ڊسمبر جون اخبارون ڏسو، چينيوٽ مائنز ۾ ڪرپشن ٿي، منهنجي دور ۾ مائنز مان ڪروڙين رپين جو خزانو نڪتو، اهو خزانو عوام جو آهي، اهي سپريم ڪورٽ ويا، قانون مطابق اتي ڪم شروع ڪيو پر اتي ڪرپشن ٿي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ هن چيو ته جج صاحب توهان پنهنجا اختيار استعمال ڪريو، جنهن تي فاضل جج چيو ته توهان کي بڪتربند گاڏي مان بلٽ پروف گاڏي منهنجي حڪم تي ئي ڏني وئي آهي، جڏهن پاور استعمال ڪرڻ جو وقت آيو ته استعمال ڪنداسين. شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي اپيل ڪئي، جنهن تي فاضل جج چيو ته توهان لکت ۾ درخواست ڏيو مان ان تي قانون مطابق حڪم ڏيندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو