174

پي ڊي ايم مان ڪوبه خطرو ناهي، اين آر او نه ڏيندس، رياستي ادارا سياسي دٻاءُ کانسواءِ ڪم ڪن ته قوم کي فائدو ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته نيب 10 سالن ۾ 104 ارب ۽ اسان جي ٻن سالن جي حڪومتي دور ۾ 389 ارب رپين جي وصولي ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته رياستي ادارن کي سياسي مداخلت کانسواءِ آزاد نموني سان ڪم ڪرڻ جي اجازت هجي ته قوم کي فائدو ٿيندو آهي. وزيراعظم مثال ڏيندي چيو ته نيب اسان جي دور ۾ گذريل ٻن سالن اندر 389 ارب رپين جي وصولي ڪئي، جڏهن ته ان ئي نيب 2008ع کان 2018ع تائين جي ڏهن سالن واري دور ۾ رڳو 104 ارب رپيا رڪور ڪيا، اهي ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪاري دور جا 10 سال هئا. عمران خان ٻڌايو ته پنجاب اينٽي ڪرپشن اسان جي حڪومت جي 27 مهينن ۾ 206 ارب رپيا رڪور ڪيا، ڪرپٽ حڪمرانن جي ماتحت اينٽي ڪرپشن گذريل 10 سالن ۾ رڳو 3 ارب رپيا رڪور ڪيا، اهي انگ اکر ثابت ڪن ٿا ته ادارا آزاد هوندا ته بهتر احتساب ڪري سگهندا. ٻئي پاسي ملڪي صورتحال بابت ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم مان ڪوبه خطرو ناهي، مخالف ڌر جي تحريڪ اين آر او لاءِ آهي پر کين اين آر او نه ملندو. وزيراعظم عمران خان پاران حڪومتي ترجمانن کي پي ڊي ايم کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ آهي ته پي ڊي ايم فارغ ٿي چڪي آهي، سندن تحريڪ پنهنجي موت پاڻ مري وئي آهي، پي ڊي ايم ڪورونا وارن ڏينهن ۾ عوام جي زندگين سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان مان اسان کي ڪو خطرو ناهي، هو ڪيتري به ڪوشش ڪن پر کين اين آر او نه ملندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو