155

پي ڊي ايم وٽ لانگ مارچ جو پلان آهي، بهاولپور جي عوام رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم وٽ لانگ مارچ جو پلان آهي، بهاولپور جي عوام رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، استعيفائون ضرور ڏينداسين. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم وٽ لانگ مارچ جو پلان موجود آهي، ماڻهن جي سهولت ۽ موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان تمام جلد ڪيو ويندو. مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته بهاولپور جي عوام رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، عمران خان 31 جنوري تائين عزت سان وڃڻ تي راضي نه ٿيو عوام ڪو ٻيو فيصلو ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم استعيفيٰ ضرور ڏيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو