نيامي (ويب ڊيسڪ) نائيجر ۾ هٿياربندن جي ٻن حملن دوران 110 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 17 زخمي ٿي پيا آهن. پهريون حملو ڪومبانگو ڳو ٺ ۾ ڪيو ويو، جتي 70 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ٻيو حملو مداريي ۾ ڪيو ويو، جتي 40 ڄڻن دم ڏنو، جڏهن ته ٻنهي حملن ۾ مجموعي طور 17 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. نائيجر جي سيڪيورٽي عملدارن حملن جي ذميواري داعش تي مڙهي آهي، جڏهن ته داعش پاران هن وقت تائين ڪوبه ردعمل سامهون ناهي آيو.
