233

غوثپور جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف پوليس جو ٻيهر آپريشن، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءَ، 2 اهلڪار زخمي

غوثپور (ن سوڀ) ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ڏوهارين  جنيد جاگيراڻي خلاف ٻيھر آپريشن ۽ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 100 پوليس اهلڪارن 5 اي پيز جي اڳواڻي ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن ۾  پوليس ۽ ڏوهارين وچ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي،  10 ڪلاڪ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. فائرنگ سبب 2 پوليس اھلڪار غلام ياسين چولياڻي ۽ نظير احمد ڀنگوار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو