186

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نوٽيس کانپوءِ اغوا ڪيل ايڊووڪيٽ حماد سعيد بازياب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي علائقي ترنول مان اغوا ڪيل ايڊووڪيٽ حماد سعيد ڊار بازياب ٿي ويو آهي. بازياب ٿيل وڪيل جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله جو ٿورائتو آهيان جنهن موڪل واري ڏينهن به منهنجي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ايڪشن ورتو، هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار جو به شڪرگذار آهيان جن منهنجي اغوا خلاف آواز اٿاريو. ايڊووڪيٽ حماد سعيد ڊار جي اغوا خلاف اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيل اڄ هڙتال ڪندي عدالتن ۾ پيش نه ٿيا. ان کانسواءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل حماد سعيد جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ حماد سعيد ڊار پيش ٿيو، جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪٿي هئا؟ وڪيل جواب ڏنو ته مون کي گهر مان کڻي اکين تي پٽيون ٻڌي هڪ ننڍي ڪمري ۾ رکيو ويو، ليپ ٽاپ ۽ موبائل به انهن پاڻ وٽ رکيو. عدالت پڇيو ته پوليس ڪهڙي جاچ ڪئي ۽ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ايس پي سرفراز ورڪ ٻڌايو ته لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي شوڪاز جاري ڪري معطل ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته جاچ هلندڙ آهي. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته وڪيل هجي يا ڪوبه عام شهري، رياست جي ذميواري آهي ته  اها سندس تحفظ ڪري، هي ته پوليس لاءِ وڏو چئلينج آهي، شڪر آهي وڪيل صاحب اچي ويو پر رياست جو واقعي تي ردعمل  حوصلا افزائي نه هئي، اها اسان جي به ڊيوٽي آهي ۽ رياستي جي ذميواري آهي ته هر شهري جي تحفظ کي يقيني بڻايون، پوليس هن ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪري ۽ ان کي مثال بڻائي، هر ڀيري ان قسم جو معاملو پيش اچي ٿو پر خبر نه ٿي پوي ته ڇا ڪنهن ڪيو. عدالت پوليس کان رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو