194

آمريڪا ۾ 15 ورهين جي نينگر پنهنجي ماءُ کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو

ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ 15 ورهين جي نينگر پنهنجي ماءُ کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق ٽيڪساس ۾ پوليس کي مقتولا عورت جي مڙس فون ڪري ٻڌايو ته سندس گهر واري مئل حالت ۾ هٿ ٿي آهي، پوليس 50 ورهين جي ايلن برنئي جي لاش کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي، واقعي واري جاءِ تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائن جا فوٽيج ڏسڻ کانپوءِ پوليس کي اهڙي وڊيو هٿ اچي وئي جنهن ۾ عورت جو قاتل ٻيو ڪو نه پر سندس پٽ نڪتو. پوليس 15 ورهين جي نينگر کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. قتل جو ڪارڻ اڃا تائين سامهون اچي ناهي سگهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو