159

مڇ سانحي جي متاثرن جو ڪوئيٽا شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هلندڙ، حڪومت سان ڳالهيون ناڪام

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) مڇ سانحي جي متاثرن پاران ڪوئيٽا شاهراهه تي لاش رکي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، وفاقي وزيرن توڙي صوبائي حڪومت جي ڪوششن باوجود مظاهرين ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر قسم جون ڳالهيون وزيراعظم جي آمد تي مشروط ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽن مطابق مڇ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 11 پورهيتن جي وارثن جو سخت سيءُ باوجود کليل آسمان هيٺ لاش رکي ڌرڻو هلندڙ آهي، احتجاج ۾ عورتون، ٻار توڙي بزرگ به شامل آهن، مظاهرين باءِ پاس تي ٻنهي پاسن کان ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب هر قسم جي ٽريفڪ جي رواني معطل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو