179

مڇ واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪراچي جي مختلف 6 هنڌن تي ڌرڻا جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڇ ۾ 11 پورهيتن کي اغوا کانپوءِ قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي ڌرڻا جاري آهن. پوليس مطابق مڇ واقعي خلاف ڪراچي جي 6 هنڌن تي ڌرڻا هلندڙ آهن، شاهراهه فيصل تي ڪالوني گيٽ، ملير 15  ويجهو، ايم اي جناح روڊ تي نمائش چورنگي وٽ، يونيورسٽي روڊ تي سفاري پارڪ ويجهو، ابوالحسن اصفهاني روڊ تي عباس ٽائون ويجهو ۽ ڏکڻ ڪراچي جي پاور هائوس چورنگي وٽ ڌرڻا جاري آهن، جنهن سبب ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ٽريفڪ کي متبادل رستو ڏنو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو