مانسهره (ويب ڊيسڪ) مانسهره ۾ گئس ليڪيج ٿيڻ سبب ساهه ٻوساٽجڻ ڪري هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت ٿي ويا آهن. پوليس مطابق گئس ليڪيج وارو واقعو مانسهره جي علائقي پانوروڊ تي پيش آيو، جتي هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، فوت ٿيندڙن ۾ ماءُ، پٽ، سندس زال ۽ 3 ٻارڙا شامل آهن. پوليس مطابق شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته گهرڀاتي رات جو گئس هيٽر هلائي بند ڪرڻ وساري ويٺا هئا، لاش اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
