198

سنڌ ڪابينا سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020ع منظور ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020ع منظور ڪري ورتو آهي. ڄاڻايل قانون تحت سڪسيشن سرٽيفڪيٽ لاءِ سنئون سڌو نادرا کي درخواست ڏئي سگهبي. رپورٽن مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، صوبائي صلاحڪار ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڪابينا رولز آف بزنس ۾ ترميم، سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020ع، سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپرومينٽ پروجيڪٽ سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو. ڪابينا اجلاس ۾ يڪراءِ سان سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020ع منظور ڪيو ويو، جنهن تحت فوت ٿيندڙ شخص جا وارث ڪورٽ وڃڻ بدران نادرا وڃي سگهندا، بل اسيمبلي ۾ متعارف ڪرائڻ کانپوءِ ڪميٽي کي اماڻيو ويندو. ڪابينا نيون گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ به ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا حڪومت وٽ موجود گاڏين جو جائزو وٺندي. گاڏين جي الاٽمينٽ پاليسي جوڙڻ لاءِ مير شبير بجاراڻي، مڪيش ڪمار  چاولا ۽ سهيل انور سيال ڪميٽي ۾ شامل هوندو، وڏي وزير هدايت ڪئي ته جيڪي گاڏيون ٿوري مرمت سان استعمال لائق بڻجي سگهنديون اهي آفيسرن کي الاٽ ڪيون وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو