پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي ڪوهاٽ روڊ تي دستي بم ڦاٽڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس مطابق دستي بم ڦاٽڻ وارو واقعو ڪوهاٽ روڊ تي زنگلي واري علائقي ۾ پيش آيو، جنهن سبب 2 ٻارڙا فوت ۽ 3 زخمي ٿيا آهن، فوتي ٻارڙن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي هڪ ٻارڙي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.
156