184

ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست، نيوزيلينڊ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي اننگز ۽ 176 رنسن جي عبرتناڪ شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئيپ ڪري ورتي آهي. ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بيٽنگ لائن هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهي، پهرين اننگ ۾ 297 رنسن تي پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ اظهر علي 93، ڪپتان محمد رضوان 61 ۽ فهيم اشرف 48 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيا، جڏهن ته ٻين بيٽسمينن ۾ شان مسعود 0، عابد علي 25، حارث سهيل 1، فوا دعالم 2 رنسون ٺاهي سگهيا، نيوزيلينڊ پاران ڪائلز جميسن 5، ٽم سائوٿي ۽ ٽرينٽ بولٽ 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. نيوزيلينڊ پهرين اننگ ۾ ڪپتان ڪين وليمسن جي ڊبل سينچري جي بدولت رنسن جو پهريون جبل اڏي ڇڏيو، ڪين وليمسن 238، هينري نڪولس 157 ۽ ڊريل مچل 102 رنسن جي اننگ کيڏي، ان کانپوءِ ڪيويز 659 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ اننگ ڊڪليئر ڪري 362 رنسن جي برتري حاص ڪئي، جنهن آڏو قومي ٽيم بيوس نظر آئي ۽ پوري ٽيم 186 رنسون ٺاهي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو