ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت هيڊماسترن جو ڪانٽريڪٽ ختم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت هيڊماسترن جو ڪانٽريڪٽ ختم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته هيڊماسترن جي سليڪشن وارو معاملو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حوالي ڪيو ويو آهي. ڪابينا اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته ايس پي ايس سي جي سليڪشن تائين هيڊماستر ڪانٽريڪٽ تي ڪم جاري رکندا. ڪابينا کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2015ع ۾ 2 هزار هيڊماسترن کي آءِ بي اي ٽسٽ ذريعي ڀرتي ڪيو ويو هو، انهن هيڊماسترن جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ وارو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد هيڊماسترن جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي.
199