246

پي ٽي آءِ حڪومت متحده جي ووٽن جي ڪري قائم آهي، ايم ڪيو ايم اسان جو ساٿ ڏئي، پارليامينٽ سوڌو هر فورم تي ٻيٽن ۽ مهاڻن جي تحفظ لاءِ آواز اٿارينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو  زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت متحده جي ووٽن جي ڪري قائم آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته متحده وارا ڪهڙي مجبوري ۾ وفاقي حڪومت جا اتحادي بڻيل آهن. ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ هڪ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪيتري ئي سالن کان متحده جا نمائندا سليڪٽ ٿيندا رهيا آهن، اهي ٻڌائين ته انهن ڪراچي جي عوام لاءِ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ پي ٽي آءِ جي حڪومت متحده جي ووٽن جي ڪري قائم آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته متحده وارا ڪهڙي مجبوري ۾ وفاقي حڪومت جا اتحادي بڻيل آهن، اسان چاهيون ٿا ته آدمشماري سوڌو ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ متحده اسان جو ساٿ ڏئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته مهاڻن سوڌو سنڌ جي عوام جا خدشا ختم ٿيڻ تائين وفاق کي ٻيٽن جي هڪ انچ تي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، پارليامينٽ سوڌو هر فورم تي ٻيٽن ۽ مهاڻن جي تحفظ لاءِ آواز اٿارينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو