214

وقت اچي ويو آهي ته عوام سان ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻ لاءِ سڀني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون: اسد قيصر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سڀني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون. قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت جو عمل اڳتي وڌائينداسين. هو اسپيڪر هائوس ۾ حڪومتي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ شفقت محمود سميت حڪمران پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، مملڪتي وزير علي محمد خان، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارليماني معاملن سميت ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ ڪورونا بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ مخالف ڌر پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت تي به غور ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته هڪ عام نمائندي جي حيثيت سان هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پنهنجي هر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون، ڇاڪاڻ جو مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته ڪورونا جي پهرين لهر دوران پارليامينٽ جو ڪردار تمام سٺو رهيو آهي، وفاقي وزير جلد وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندا جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪيو ويندو، هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته قانونسازي جو عمل اڳتي وڌي ۽ قومي اسيمبلي جي پارلياماني سال جا ڏينهن پورا ڪرڻ به آئيني گهرج آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو