145

حڪومت جا معاشي ميدان ۾ کنيل قدم…

ليکڪ: محمد فاروق

هن ڀيري ته ڪنهن کي به ڪو شڪ نه آهي ته جڏهن جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ واضح ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان جي چيئرمين عمران خان وزيراعظم جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو حلف کنيو ته ان وقت وطن جي اقتصادي ۽ معاشي حالت نه صرف انتهائي خراب هئي پر اها حوصلو ٽوڙيندڙ به هئي، ان تناظر ۾ نئين چونڊيل حڪومت جي آڏو سڀ کان پهريون مسئلو اهو هو ته قوم کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نيٺ ڪهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي، هڪ رستو ته اهو هو ته ماضي جي حڪمران پارٽين واري راهه اختيار ڪندي ڳرو پرڏيهي قرض حاصل ڪيو وڃي، دوست ملڪن کان ان حد تائين تعاون حاصل ڪيو وڃي جو قومي وقار ۽ خودمختياري تي ڪو حرف نه اچي، ان کانسواءِ گهٽ مدي واري منصوبابندي کي سامهون رکندي مستقبل جي جامع حڪمت عملي جو بنياد رکيو وڃي اهو عمل انتهائي حوصلي وارو آهي ته حڪومت ٻيو آپشن اختيار ڪيو، جنهن جا ڪجهه نتيجا ته وطن واسين آڏو آهن ۽ ڪجهه اڃا ظاهر ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، وطن عزيز جي اقتصادي ۽ مالياتي تباهه حاليءَ جو اندازو ائين به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت جي واڳ سنڀالي ته ان وقت 20 ارب ڊالر ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خدشو هو، پر ڪجهه ماڻهو اهڙي نشاندهي ڪري رهيا هئا ته پاڪستان کي عالمي برادري ۾ هڪ ناڪام ۽ ڏيوالي وارو ملڪ قرار ڏنو ويندو، ان باب ۾ مشهور آمريڪي سياستدان هليري ڪلنٽن کان جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته هوءَ ”ڊيپ اسٽيٽس“ جي وضاحت ڪيئن ڪندي ۽ ان جو ڪهڙو مثال پيش ڪري سگهي ٿي ته موصوفا برجستو جواب ڏنو ”پاڪستان“ ان تناظر ۾ انتهائي اعتماد سان ئي سگهجي ٿو ته 2018ع  جو پاڪستان معاشي ۽ مالياتي اعتبار کان پنهنجي تاريخ جي نهايت نازڪ ۽ اهم دور مان گذري رهيو هو، پي ٽي آءِ جي موجوده حڪومت جي حقيقت پسنداڻا ڪوششن ۽ ان ڏس ۾ ڪجهه غير مقبول پر نتيجا ڏيندڙ قدمن جي نتيجي ۾ هاڻ صورتحال اها آهي ته پرڏيهي خسارو جيڪو 20 ارب ڊالرن تائين وڃي پهتو هو، هاڻي اهو 3 ارب ڊالر رهجي ويو آهي، ٽئڪس نظام ۾ به بهتري آڻڻ لاءِ به حڪومت اهڙا ئي کرا فيصلا ڪيا آهن، اهو امر به ذڪر لائق آهي ته ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن ۾ تقريبن ۾ 250 ارب رپيا ورهايا ويا آهن ۽ حڪومت بنا ڪنهن فرق جي هڪ ڪروڙ وطن واسين کي امداد فراهم ڪئي آهي، ڪورونا وائرس سان سڄي دنيا متاثر ٿي آهي ۽ اها حقيقت عالمي برادري لاءِ حيرت جو سبب بڻيل آهي ته پاڪستان ان وبا ۽ آفت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي، ان جا خدوخال ڪهڙا هئا؟ ان ڏس ۾ حڪومت جي قدمن جو اندازو ائين لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا جي مشهور شخصيت بل گيٽس پاڪستان جي حڪومت جي اهڙن قدمن جي تعريف ڪئي، جيڪي ڪورونا وائرس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيا ويا، حڪومت ان سلسلي ۾ ڏهاڙيدار ۽ مستحق ماڻهن کي مالي مدد ڏني، حڪومت ٻن سالن جي عرصي ۾ 5000 ارب رپين جا قرض ورهايا، ان کانسواءِ زرعي شعبي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ 280 ارب رپين جو پئڪيج به ڏنو، وڌيڪ اهو ته حڪومت مختلف ٽئڪسن جي شرح گهٽ ڪري تعميراتي شعبي لاءِ مراعتن جو پئڪيج ڏنو، ان سلسلي ۾ اها ڳالهه به ذڪر لائق آهي ته ڪفايت شعاري پاليسي تحت مختلف ادارن کي ضم ڪيو ويو، ملڪ مان اسمگل ٿيندڙ فون ختم ڪيا ويا، اهڙي طرح ٻن سالن جي عرصي ۾ ملڪ ۾ سيمينٽ جي وڪري ۾ 41 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته برآمدات جي شرح ۾ به حوصلو ڏيندڙ واڌ نظر آئي. وطن واسين کي ان حقيقت جي خوب ڄاڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت احساس پروگرام تحت 80 هزار کان وڌيڪ فردن کي هر مهيني بنا وياج جي قرض جي فراهمي جو پروگرام شروع ڪيو، اهڙي طرح وزيراعظم جو ڪامياب جوان پروگرام به احساس پروگرام جو ئي هڪ حصو آهي، جنهن تحت نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي هڪ کان 50 لک رپين تائين جو قرض ڏنو ويو، حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبو شروع ڪيو، جنهن تحت بي گهر عوام کي 50 لک گهر ٺاهي ڏنا ويندا، اها حقيقت به بنا ڪنهن شڪ جي تحسين لائق آهي ته نادار بي گهر ۽ ضرورتمند ماڻهن جي رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ پناهگاهون قائم ڪيون ويون، حڪومت ماحولياتي تبديلين جا اثر گهٽائڻ لاءِ ٻيلن جي ايراضي وڌائڻ لاءِ انتهائي مضبوط پاليسي اختيار ڪئي، جيستائين پرڏيهي پاليسيءَ جو تعلق آهي ته هن باب ۾ حڪومت ڀارتي فضائيه جي هواباز اڀي نندن کي وطن جي سرحدن اندر مداخلت باوجود خير سگالي ۽ امن پسنديءَ واري جذبي تحت واپس ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ ئي اهو عزم به ظاهر ڪيو ته پاڪ سرزمين طرف ميري اک سان ڏسندڙن کي عبرتناڪ نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ڪشمير مسئلي جي آبرو واري حل لاءِ به حڪومت ثمر واريون ڪوششون ڪيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻ مهذب دنيا آڏو مودي سرڪار جو قاتل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، حڪومت آءِ پي پيز جي 13 نجي شعبن ۽ 6 سي پيڪ جا ونڊپاور منصوبن تي ڪامياب ڳالهيون ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻ انهن کي 1994ع ۽ 2002ع جي پاور پاليسي تحت ڊالرن بدران رپئي ۾ منافعو ڏنو ويندو ۽ ٺاهه جي باقي مدي لاءِ ڊالر ۽ رپئي جي قيمت 148 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ونڊ پاور آءِ پي پيز جو ٽيرف 24 رپين کان گهٽجي 14 رپيا في يونٽ ٿي ويو آهي، ان کانسواءِ آءِ پي پيز ڪمپنيون نيپرا ذريعي حڪومت کي 104 ارب رپيا واپس ڪرڻ تي به تيار ٿي ويون آهن، آءِ پي پيز سان نئين ٺاهه تحت حڪومت کي مجموعي طور 604 ارب رپيا بچت ٿيندي ۽ اها هڪ اهڙي ڪاميابي آهي، جنهن جو داد ڏيڻ گهرجي. اها حقيقت بنا ڪنهن شڪ جي حوصلي واري آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مالي سال 2019ع دوران 43.13 ارب ڊالرن کان گهٽ ٿي ويو آهي پر ان جو اهم سبب واڌو ريگيوليٽري ڊيوٽي ۽ مهانگي ڊالر سان برآمدات ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آهي، ان هوندي به عوام کي اها شڪايت ضرور آهي ته اٽو، کنڊ ۽ پيٽرول بحران ۾ ملوث ڪرپشن مافيا کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي اشد ضرورت آهي، ڇو ته اهو پي ٽي آءِ جي احتساب واري بيانيي جي عين مطابق ٿيندو، وفاقي وزير اسد عمر مطابق پي ٽي آءِ حڪومت جي ناڪامين ۾ حڪومت ۽ ميڊيا جي لاڳاپن ۾ سرد مهري ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ ۽ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ آهي، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون آهن، ان ۾ وفاقي حڪومت کي ڪووڊ-19 سان منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي، ڪامياب پرڏيهي پاليسي، متحرڪ ۽ نتيجا ڏيندڙ سفارتڪاري، احساس پروگرام ۽ وڻڪاري مهم آهن، اهي حقيقتون ۽ انگ اکر ان حقيقت کي ظاهر ته ڇا پر ثابت ڪن ٿيو ته عوام جي چونڊيل حڪومت خلاف جيڪي مفاد پرست ۽ موقعي پرست پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي فڪر ۾ آهن، انهن کي عوام طرفان ڪڏهن به حمايت ۽ تائيد نه ملندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو