ليکڪ: جميل احمد قريشي (رٽائرڊ ڊي ايس پي)
مان 1996ع ۾ ايس ايڇ او ٺٽو هئس، آچر جو ڏينهن هو، ايس ايس پي صاحب کان موڪل وٺي حيدرآباد گهر آيس، شام جو دوستن سان ڪچهريءَ لاءِ ڪنهن جاءِ تي وڃڻ ٿيو، جتي ٻين دوستن سان گڏ سائين صالح محمد شاهه (ريڊيو پاڪستان جي ڪچهري پروگرام جو گهنور خان) به هو، ڪچهري دوران کيس چيو سائين ڪڏهن ٺٽي اچو، منهنجي پوسٽنگ ٺٽي ٿاڻي تي ٿي آهي، چيائين ادا ٻن ڏينهن کانپوءِ منهنجي رڪارڊنگ آهي ڪراچي ۾ پوءِ جي ٽائيم مليو ته توهان وٽان ٿيندو ويندس، مون چيومانس سائين بادشاهه اها ڳالهه نه ڪريو ته ٽائيم مليو ته ايندس، پڪ ڏيو، چيائين جميل صاحب پرينهن شام جو انشاءَ الله اوهان جا مهمان ٿينداسون، پوءِ اتان صبح جو ڪراچي هليو ويندس، مون چيو اهو صحيح ٿيندو، پوءِ ڪچهري ڪري هر ڪو پنهنجي گهر روانو ٿي ويو، ٻئي ڏينهن صبح جو مان واپس ٺٽي پهتس، اڱاري واري ڏينهن نوڪر کي چيم ته شام جو مهمان ايندا، مڇي ۽ پلو به وٺي اچ، شام ٿي وئي، سائين صالح شاهه جو انتظار هو، ان ڪري گشت ۾ به ايڊيشنل ايس ايڇ او کي موڪلي ڇڏيم، شام جا 7 ٿيا هئا، ايس ايس پي هائوس کان فون آئي، آپريٽر چيو ته جميل صاحب هڪڙي مهراڻ ڪار اڇي رنگ جي، جنهن جو نمبر به ڏنائين ۽ چيائين انهيءَ ۾ ڏوهاري ماڻهو آهن، هينئر انهيءَ ڪار ڪينجهر ڪراس ڪيو آهي، ايس ايس پي صاحب جو حڪم آهي انهن کي هٿ ڪري وٺو، ڀڄڻ نه گهرجن، مون انهيءَ مهل وائرليس تي چئنل چينج ڪري ايڊيشنل ايس ايڇ او افسر خان کي حڪم ڏنو ته ناڪابندي ڪري جلدي ئي انهيءَ ڪار کي ۽ ماڻهن کي هٿ ڪري ٿاڻي تي اچ، مان ٿاڻي تي پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هئس، اڌ مُني ڪلاڪ کانپوءِ ايڊيشنل ايس ايڇ او افسر خان ڪار ۽ ماڻهن کي وٺي آيو ۽ آفيس اچي ٻڌايائين ته ”صاحب يه تو آپ کي مهمان هين“ مان يڪدم ڪرسي تان اٿي آفيس کان ٻاهر نڪتس، همراهن کي ڏسي منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي، ڏٺم ته ڪار مان سائين صالح شاهه ۽ هڪ نوجوان لهي آيا، سائين صالح شاهه کلندي مون طرف آيو ۽ چيائين ادا سٺو استقبال ڪيو اٿئي، سائين وارن سان مليس کين آفيس ۾ ويهاريم، شرم کان پاڻي پاڻي ٿي ويس ۽ کين سڄي حقيقت ٻڌايم، آخر ۾ چيومان ادا مان سمجهان ٿو ايس ايس پي صاحب کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي، مان هينئر ئي ساڻس ڳالهايان ٿو ۽ انهن جي سامهون ايس ايس پي هائوس جو نمبر ملايم، آپريٽر فون کنيو ۽ پهريون سوال ڪيائين ته جميل صاحب گاڏي ۽ ماڻهو هٿ ٿي ويا؟ مون چيومانس ادا تون جلدي مون کي صاحب سان ڳالهراءِ، چيائين هولڊ ڪريو، ٿوري دير ۾ صاحب لائين تي آيو، ٻڌايومانس ته سر گاڏي ۽ ماڻهو ته ٿاڻي تي وٺي آيا آهيون پر اهي ته منهنجا مهمان آهن ۽ مون ڏانهن پئي آيا، هڪڙو سائين صالح شاهه آهي ۽ ٻيو سندس پٽ آهي. ايس ايس پي صاحب جواب ڏنو ته مون کي خبر آهي صالح شاهه جي پٽ کي لاڪ اپ ڪري ڇڏ ۽ صالح شاهه کي به ويهار، مان ٿاڻي تي اچان ٿو. منهنجون ته وايون بتال ٿي ويون، صالح شاهه کي ايس ايس پي صاحب واري ڳالهه ٻڌايم، تمام پريشان ٿي ويو، چيائين جميل صاحب مان سمجهي ويس اسان جو ئي ماڻهو آهي، جنهن اهو ڪم ڪرايو آهي، توهان جي پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ آفيس ۾ ڪلارڪ آهي، قمر دائودپوٽو، اڳ منهنجي پٽ جو دوست هو، توهان جي ايس ايس پي نادر کوسي صاحب جو دوست آهي، اسان جو هُن سان اڄڪلهه پاڙي جي ڳالهه تان ٺاهه ناهي، ڪجهه ڏينهن ٿيندا سندس گهر ۾ ڌاڙو لڳو هويا ڊرامو ڪيو اٿس، انهيءَ ڪيس ۾ ٿو اسان کي ٻڌرائي، مون چيومانس ته سائين مان ته شرم کان مري ويس، اجايو توهان ٺٽي آيو، توهان منهنجي لاءِ به الائجي ڇا سوچيندئو؟ اسان پوليس جا ماڻهو اڳ ۾ ئي بدنام آهيون، چيائين جميل صاحب اهو ته توهان سوچيو ئي نه ته مون کي اوهان تي شڪ ٿيندو، اوهان تي ڪا ميار ناهي، ڀلا ايس ايس پي صاحب کي ڪيئن خبر پئي ته اسان ڪينجهر ڪراس ڪيو آهي؟ اسان جي سپر هاءِ وي کان وڃون ها تڏهن به ٻڌجون ها، ڀل ايس ايس پي صاحب اچي ڳالهايونس ٿا، ٿوري دير کانپوءِ آپريٽر فون تي ٻڌايو ته ايس ايس پي بنگلي کان نڪري چڪو آهي، اوهان ڏانهن اچي پيو، مون وڏي منشي کي گهرائي چيو ته سائين جي فرزند کي پنهنجي آفيس ۾ ويهار، ايس ايس پي صاحب جي گاڏي جيئن اندر آئي سڌو سي آءِ اي آفيس ڏانهن هلي وئي، سي آءِ اي آفيس ٺٽي ٿاڻي سان گڏ هئي ۽ منهنجي رهائش کان صفا لڳ هئي، مان ۽ سائين صالح شاهه پنڌ سي آءِ اي آفيس ڏانهن وياسون، جتي ايس ايس پي صاحب سي آءِ اي آفيس ۾ ويٺو هو ۽ ساڻس گڏ سي آءِ اي انچارج به ويٺو هو. مون اطلاع ڪرايو، ترت آفيس اندر گهرايائين، اهو ايس ايس پي آفيس جو ڪلارڪ ۽ سندس دوست به ساڻس گڏ هو. مون سليوٽ ڪيو، مون کي چيائين ويهه، مان به ڪرسي تي ويهي رهيس، پڇيائين صالح شاهه ڪٿي آهي؟ مون چيومانس سائين ٻاهر بيٺو آهي، چيائين سڏي وٺينس، پوءِ سائين صالح شاهه به اچي ويو، اٿي کيس هٿ ڏنائين، سائين صالح شاهه به ڪرسي تي ويٺو، هن چيس ڌاڙي وارو ڪيس مون کي جاچ لاءِ مليو آهي هاڻي وڌيڪ ڊيگهه نٿا ڪريون، پنهنجي پٽ کي سمجهاءِ ۽ عزت سان ٻڌاءِ ته ڌاڙو ڪيئن هڻايو اٿس؟ ڪهڙا جوابدار آهن ۽ ملڪيت ڪٿي آهي؟ جي عزت سان ٻڌائيندو ته ٺيڪ آهي پر جي مار کائڻ کانپوءِ ٻڌائيندو ته ڳالهه مزو نه ڪندي، باقي اهڙو مڙس ماڻهو ڪونهي جو پوليس جي مار برداشت ڪري سگهي، هتي وڏا ڦني خان به سچ ڳالهائيندا آهن، شاهه صاحب توکي 10 منٽ ڏيان ٿو وڃي ڳالهائينس، ان کانپوءِ مون تي ميار ڪانهي. صالح شاهه ايس ايس پي صاحب کي چيو سائين اوهان تي هونئن ئي ميار ڪانهي، باقي اسان کي به دنيا سڃاڻي ٿي ته اسان ڪي لُچ لوفر ناهيون، منهنجو پٽ آفيسر آهي ڏوهاري ڪونهي، باقي اوهان جي بيگناهه منهنجي پٽ تي تشدد ڪيو ته اها سٺي ڳالهه نه ٿيندي، اسان به عزت وارا ماڻهو آهيون ۽ بي پهچ اسان به نه آهيون، ايس ايس پي صاحب چيو شاهه صاحب منهنجو ڪم هو توکي سمجهائڻ وڌيڪ اوهان جي مرضي، اوهين ڀلي وڃي سگهو ٿا. مون صالح شاهه کي چيو سائين توهان هلي منهنجي بنگلي تي ويهو. سائين جي وڃڻ کانپوءِ مون به ايس ايس پي صاحب کي گهڻيون منٿون ڪيون، مون کي چيائين تنهنجا دوست آهن ان ڪري سي آءِ اي آفيس اچي ويس، تون سمجهائين جي سچ ڳالهائي ته منهنجو واعدو آهي جيڪا مون کان رعايت ٿي سگهندي ڪندوسانس، جي نه ته تون به ڀلي وڃ ۽ هن جي پٽ کي هيڏانهن موڪلي ڏي، اسان پاڻهي ٿا سچي ڪرايونس، مون کي چيائين ٺيڪ آهي، تون وڃي سگهين ٿو. ٿوري دير کانپوءِ سائين صالح شاهه جي پٽ کي جيڪو ايڪسائيز انسپيڪٽر هو، سي آءِ اي سينٽر آندو ويو ۽ مٿس ڏاڍو تشدد ڪيو ويو، بادشاهي ٻار جنهن کي ڪڏهن زندگي ۾ چماٽ ته ٺهيو پر ڪنهن دڙڪو به نه ڏنو هوندو، انهيءَ تي بيگناهه ايترو تشدد ڪيو ويو، ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ ايس ايس پي صاحب روانو ٿي ويو، مون سائين جي پٽ کي بنگلي تي آندو، سندس حالت خراب هئي، پاڻي گرم ڪرائي کيس وهنجڻ لاءِ ڏنو، ماني ته ائين ئي حرام ٿي وئي پر سائين کي منٿ ڪيم، ٻنهي بي دلي سان ٻه ٽي گرهه هنيا، انهيءَ دوران مان بار بار شرمساري ۾ سائين وارن کان معافي وٺندو رهيس، ان کانسواءِ ڪري به ڇا پئي سگهيم، سائين صالح شاهه پٽ جي پارت ڪري انهيءَ وقت ڪراچي روانو ٿي ويو. ايس ايس پي صاحب سي آءِ اي انچارج کي چئي ويو هو ته هن کي اوجاڳو ڏيو، سمهڻ نه ڏيو، کانئس انٽروگيشن ڪريو ۽ رات وچ ۾ مون کي سچي ڪرائي ڏيو، پر شابس هجي سي آءِ اي انچارج کي به، چيائين جميل صاحب مان اهڙو بيغيرت ناهيان، توهان جو مهمان آهي، توهان ڀل پاڻ وٽ رکوس، منهنجي طرفان بي فڪر ٿي وڃو، اهڙيون مهلون سڀني تي اينديون آهن، پوءِ سائين صالح شاهه جو فرزند رات جو منهنجي بنگلي تي ترسيو، ٻئي ڏينهن سائين صالح شاهه الائجي ڪٿان سفارش ڪرائي جو ايس ايس پي صاحب جو فون آيو ۽ چيائين ته صالح شاهه جي پٽ کي ڇڏي ڏيو، هئو به بيگناهه. پوءِ سائين صالح شاهه پاڻ ڪراچي کان آيو ۽ پنهنجي پٽ کي پاڻ سان وٺي ويو، انهيءَ دوران مون کان جيڪا خدمت ٿي سگهي مون ڪئي، اڄ به اهو واقعو ياد ايندو آهي ته شرمسار ٿي ويندو آهيان، تڏهن ته چوندا آهن ته پوليس جي دوستي به خراب ته دشمني به خراب. بعد ۾ خبر پئي ته واقعي ۾ حيدرآباد کان وٺي قمر دائودپوٽو سائين صالح شاهه وارن جي پٺيان گاڏي ۾ پئي آيو ۽ جيئن سائين وارن ڪينجهر ڪراس ڪيو ته وائرليس فون تي ايس ايس پي صاحب کي اهڙو اطلاع ڏنائين.