اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مڇ ۾ مارجي ويل پورهيتن جي وارثن سان جلد ملاقات جو يقين ڏياريندي مڙهه دفنائڻ جي اپيل ڪئي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هزارا برادري سان گڏ آهيون، فوت ٿيندڙ ماڻهن جي وارثن جي ڏک جو احساس آهي، توهان جي تڪليف سمجهان ٿو ۽ اوهان جي مطالبن جو به احساس آهي. وزيراعظم چيو ته مڇ سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان ملڻ ويندس ۽ تمام جلد ڪوئيٽا جو دورو ڪندس، فوتين جي وارثن کي اپيل آهي ته هو پنهنجن پيارن جا لاش جلد دفنائين ته جيئن انهن جي روحن کي سڪون ملي سگهي.
180