ڪوئيٽا/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ مڇ سانحي خلاف ڌرڻا هلندڙ آهن، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ مڪمل هڙتال ڪري ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن. رپورٽن مطابق ڪوئيٽا ۾ باءِ پاس تي هزارا برادري پاران لاش رکي 5 ڏينهن به ڌرڻو هلندڙ آهي، سخت ٿڌ باوجود احتجاجي ڌرڻي ۾ عورتن، ٻارڙن ۽ بزرگن جو وڏو انگ شامل آهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته جيستائين وزيراعظم احتجاجي ڌرڻي ۾ نه ايندو لاشن سميت ڌرڻو جاري رهندو. ڪوئيٽا ۾ ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند آهن، واپاري اڳواڻن جو چوڻ آهي ته شهيدن جي وارثن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪراچي ۾ مختلف علائقن عائشه منزل، پاور هائوس چورنگي، نمائش چورنگي، نيو رضويه، صفوران چورنگي ۽ ڪامران چورنگي وٽ ڌرڻا جاري آهن، ان کانسواءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڻ احتجاج ڪيا پيا وڃن. ڪوئيٽا ۾ پنجين ڏينهن به صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي نمائندن پاران مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ويون جيڪي ناڪام رهيون.
179