ڪراچي/لاهور (اسٽاف رپورٽر/م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز اڄ ڪوئيٽا ۾متاثرن وٽ پهچڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو اڄ ڪوئٽا ۾متاثرن وٽ پهچندو. بلاول ڀٽو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول پورهيتن جي وارثن سان ملندو. ساڻس گڏ وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ، صوبائي وزير ۽ پارٽي اڳواڻ پڻ شامل هوندا، جيڪي قتل ٿيل 11 پورهيتن جي وارثن سان ملاقات ڪري ساڻن ڏک جو اظهار ڪندا. ٻي پاسي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز ڪوئيٽا وڃي مظاهرين سان ملاقات جو اعلان ڪيو آهي، مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف جي هدايت کانپوءِ اڄ هزاره مظاهرين وٽ وينديس، هن چيو ته بي حس پٿر دل انسان جو انتظار نه ڪريو، مڙهه دفنائي ڇڏيو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته ڏکايل مائرون ۽ ڀينرن جي لاءِ پنهنجي پيارن جو قتل معاملو سانحو آهي، نواز شريف، مان ۽ سڄي قوم توهان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، توهان پنهنجن پيارن جا مڙهه الله تعاليٰ جي حوالي ڪري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪريو.
141