166

ڪميشن ذريعي ڀرتين تائين ڪانٽريڪٽي هيڊ ماسٽر نه هٽائڻ جو فيصلو، ناجائز قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت ايڊمنسٽريشن ليٽر ۽ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ عدالت مان حاصل ڪرڻ واري ڊگهي عمل کي نظر ۾ رکندي ”ايڊمنسٽريشن ليٽر ۽ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ بل 2020“  آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان بل هيٺ ايڊمنسٽريشن ليٽر ۽ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ نادرا مان سڌو سنئون حاصل ڪري سگهبو.  اهو فيصلو  اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، قانوني صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي شرڪت ڪئي. ڪابينا ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري ڄاڻ ڏني ته 2015 ۾ آئي بي اي سکر ذريعي  معاهدي جي بنياد تي 2000 هيڊماسٽر / هيڊمسٽريس جي مقرري ڪئي وئي هئي جن جو مدو هاڻي ختم ٿيڻ وارو آهي. تعليم واري وزير سعيد غني ڪابينا کي ٻڌايو ته عدالت تعليم کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) ذريعي هيڊماسٽر مقرر ڪيا وڃن. ڪميشن ذريعي مقرري ۾ ڪجهه وقت لڳندو تنهن ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي هيڊماسترن جي مقرري تائين اهي سروس جاري رکي سگهن ٿا. ڪابينا مڪمل غور ويچار کان پوءِ کاتي جي درخواست منظور ڪندي  چيف سيڪريٽري کي هدايت پڻ ڪئي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي درخواست ڪئي وڃي ته سليڪيشن واري عمل کي تيز ڪيو وڃي. قانون کاتي ايڊمنسٽريشن ليٽر اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ جي حوالي سان قانون آڻڻ  جو هڪ معاملو پيش ڪيو. ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته هن وقت ايڊمنسٽريشن ليٽر اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ ”سڪسيس ايڪٽ 1925“ تحت جاري ڪيا پيا وڃن جيڪي دائري هيٺ ايندڙ ڪمپوننٽ عدالتن ذريعي جاري آهن. هن چيو ته عدالت کان ايڊمنسٽريشن ۽ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ هڪ ڊگهو عمل آهي ۽ اهو رڳو هيرا ڦيري روڪڻ جي مقصد لاءِ هڪ موثر ۽ تيز ميڪنزم جوڙڻ لاءِ شامل ڪيو آهي. هيرا ڦيري بابت به ڪو قانون ساڳئي ريت لاڳو ڪري سگهجي ٿو جهڙي ريت وفاقي حڪومت ڪيو آهي. ڄاڻايل قانون هيٺ فوتي جا وارث سڪسيشن سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ سڌي ريت نادرا ۾ درخواست ڏئي سگهندا. ڪابينا ڄاڻايل قانون کي منظور ڪندي ان کي صوبائي اسيمبلي حوالي ڪري ڇڏيو.  سنڌ ڪابينا ڪراچي جي ڪچين آبادين ۾ گھٽ خرچ واري هائوسنگ اسڪيمون شروع ڪرڻ لاءِ زمين جو پتو لڳائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي ته جيئن اتي گهٽ قيمت وارا هائوسنگ منصوبا شروع ڪري سگهجن. ڪميٽي ۾ بطور چيئرمين مڪاني کاتن وارو وزير سيد ناصر شاهه ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئر جو وزير شبير بجاراڻي ۽ ايڪسائيز جو وزير مڪيش چاولا شامل آهن. ڪابينا گاڏين جي خريداري لاءِ مختلف کاتن جون درخواستون ورتيون. صوبائي وزير شبير بجاراڻي ۽ مڪيش چاولا ڪابينا کي ٻڌايو ته معمولي قسم جي خرابين سبب وڏي انگ ۾ 800 ۽ 1000 سي سي وارين گاڏين کي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته انهن گاڏين جي معمولي مرمت ڪري انهن کي ٻيهر ڪري سگهجي ٿو. هن تجويز ڏني ته نيون گاڏيون خريد ڪرڻ بدران بيٺل گاڏين جي مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن اهي قابل سرڪاري ملازمن کي الاٽ ڪري سگهجن. ڪابينا ان تجويز جي منظوري ڏني ۽ شبير بجاراڻي جي سربراهي هيٺ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا حقدار ملازمن کي سرڪاري گاڏيون الاٽ ڪرڻ جي پاليسي ٺاهيندي. وڌيڪ هدايت ڪئي ته بيٺل گاڏين جي نيلامي لاءِ پاليسي تيار ڪئي وڃي ۽ 15 ڏينهن اندر تجويزون پيش ڪيون وڃن. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ مڪيش چاول، سعيد غني ۽ سيڪريٽري جي حيثيت سان سيڪريٽري جي اي شامل آهن. ڪابينا کي ڄاڻ ڏني وئي ته آبپاشي چينلن، زمينن ۽ ڪالونين تي قبضن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن جو تفصيل ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو. آبپاشي واري وزير سهيل انور سيال ڪابينا کي آگاهي ڏني ته پهرئين مرحلي ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ وارن علائقن مان قبضن کي ختم ڪيو پيو وڃي. هن اهو به چيو ته آبپاشي جي زمينن تان ناجائز  قبضن کي ختم ڪيو ويندو جتي تجارتي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن. ڪابينا تجويز منظور ڪندي آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته ناجائز قبصا ختم ڪرڻ واري ڪم کي تيز ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو