ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سمورن کاتن جي ملازمن کي يوٽيلٽي الائونس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پ پ ايم پي اي نادر مگسي پاران يوٽيلٽي الائونس بابت وڏي وزير کي لکيل خط کانپوءِ اهڙيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي ليٽر لکي هدايت ڪئي آهي ته ان سلسلي ۾ فوري طور تي پاليسي جوڙي وڃي.
222