169

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 50 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 2482 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 50 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 2482 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 40509 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 2482 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وبا وگهي وڌيڪ 50 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو