195

واشنگٽن ۾ هنگاما، ٽرمپ جي حامين جو پارليامينٽ تي حملو، 4 ڄڻا مارجي ويا، ڪرفيو لاڳو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پارليامينٽ تي ٽرمپ جي حامين پاران حملي ۽ پوليس شيلنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن، پوليس 52 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته صورتحال خراب ٿيڻ ڪري واشنگٽن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق نائب آمريڪي صدر مائيڪ پينس جي سربراهي ۾ نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن جي اليڪٽوريل ڪاليج ۾ ڪاميابي جي باقاعده تصديق لاءِ ڪانگريس ۽ سينيٽ جو گڏيل اجلاس جاري هو ته ٽرمپ جي حامين ريلي ڪڍڻ کانپوءِ نيرا جهنڊا کنيا، ٽرمپ جي حامين ڪيپٽل هل ٻاهريان رڪاوٽون ٽوڙي عمارت اندر داخل ٿي ويا، ان دوران ٽرمپ جي هڪ حامي سينيٽ ڊائيس تي چڙهي ٽرمپ جي ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي. واقعي سبب سينيٽ ۽ ايوان جي ڪارروائي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪئي وئي، پوليس ڪانگريس ميمبرن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مظاهرين تي شيلنگ ڪئي، پرتشدد مظاهري دوران 4 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 52 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ واشنگٽن ۽ ٻين رياستن ۾ نيشنل گارڊ جا دستا سڏايا ويا، گادي واري هنڌ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته شهر ۾ ايمرجنسي ۾ 15 ڏينهن واڌ به ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو