191

اڄ جو ڏينهن آمريڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، مظاهرين ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪيو: جوبائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن احتجاجي صورتحال تي مختصر خطاب ڪندي چيو ته اڄ جو ڏينهن آمريڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، مظاهرين ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪيو، گادي واري هنڌ تي پرتشدد مظاهرا اسان جي جمهوريت تي حملو آهي، اڄ جي واقعي تي ڏک پهتو، انتهاپسندن جي هڪ ننڍڙي پارٽي لاقانونيت پکيڙي رهي آهي، ڪيپٽل هل ٻاهريان پرتشدد مظاهرا آمريڪي جمهوريت جي عڪاسي ناهي، پرامن رهو ۽ قانون جو احترام ڪريو، ٽرمپ نيشنل ٽي وي تي پنهنجي حامين کي احتجاج ختم ڪرڻ جو چئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو