224

مون کي پنهنجي حامين سان پيار آهي، قانون هٿ ۾ نه کڻو ۽ واپس گهرن ڏانهن وڃو: ڊونلڊ ٽرمپ جي اپيل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) واشنگٽن ۾ پرتشدد مظاهرن ۽ پارليامينٽ تي حملي کانپوءِ نئين چونڊيل جوبائيڊن جي مطالبي کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قوم کي خطاب ڪندي مظاهرين کي پرامن رهڻ ۽ منتشر ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته مون کي پنهنجي حامين سان پيار آهي، قانون هٿ ۾ نه کڻو ۽ واپس گهرن ڏانهن وڃو. آمريڪي صدر جي اعلان کانپوءِ مظاهرين منتشر ٿي ويا ۽ روڊ ويران ٿي ويا، پوليس ڪيپٽل هل جي عمارت کي مظاهرين کان خالي ڪرائي ان جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو