167

ماضي ۾ هزارا برادري کي نشانو بڻائيندڙ انتهاپسند هاڻي داعش سان گڏجي ويا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ انتهاپسند گروپ بلوچستان جي هزارا برادري کي نشانو بڻائيندا رهيا ۽ هاڻي اهو انتهاپسند گروپ داعش سان گڏجي ويو آهي، جنهن مڇ واقعي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. ترڪ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪو ڪجهه مڇ ۾ ٿيو اهو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، هزارا برادري جي مدد ۽ تحفظ لاءِ هر قدم کنيو ويندو. عمران خان جو چوڻ هو ته اڳ ۾ جنهن وقت هزارا برادري کي نشانو بڻايو ويو ته ان وقت مان مخالف ڌر ۾ هئس ۽ متاثرن وٽ ڪوئيٽا ويو هئس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو