217

پاڪستان پاران افغانستان جي زمين تان ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاران افغانستان جي زمين تان ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي. اسلام آباد مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته افغانستان مان دهشتگردن ضلعي مهمند ۾ پاڪ فوج جي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي پاڪستان سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق افغان سرزمين تان ٿيندڙ فائرنگ جو پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايف سي جو هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطالبو ڪيو ته افغان حڪومت دهشتگردن خلاف ترت ڪارروائي ڪري ۽ افغان حڪمت افغانستان ۾ پناهه گاهون ٺاهيندڙ دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو