191

وزيراعظم کي ڪوئيٽا وڃڻ گهرجي ها، متاثر ڪٽنبن کي اپيل آهي ته پنهنجن پيارن جا لاش مٽيءَ ماءُ حوالي ڪن: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته وزيراعظم قوم جي پيءُ جيان هوندو آهي، کيس ڪوئيٽا ضرور وڃڻ گهرجي ها. جاتي امراءَ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته مڇ سانحو انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعو آهي، بيگناهه پورهيتن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. هن چيو ته هزارا برادري سان اهو ظلم گذريل ڪيتري ئي عرصي کان جاري آهي، ماڻهو پنهنجي پيارن جا لاش روڊ تي رکي ويٺا آهن، ان جي ڏکن ۽ زخمن جو ازالو نه ٿو ٿي سگهي. مريم نواز چيو ته رياست ماءُ جيان هوندي آهي، پر حڪومت بيحسي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، مڇ سانحي تي پوري قوم سوڳوار آهي، ان معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم قوم جي پيءُ جيان هوندو آهي، کيس اتي وڃڻ گهرجي ها، مون کي سيڪيورٽي ٿريٽ آهي پر مان نواز شريف جو پيغام کڻي اتي وينديس. هن چيو ته مون کي افسوس آهي ته توهان کي قوم جو احساس ناهي، قوم جون مائون ڌيئرون اوهان جي انتظار ۾ آهن ۽ اوهان وزيرن ۽ صلاحڪارن کي اماڻي رهيا آهيو. هن چيو ته اسان مڇ واقعي جي متاثرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، متاثر ڪٽنبن کي اپيل ڪريان ٿي ته پنهنجن پيارن جا لاش دفنائين، مون کي اميد آهي ته کين انصاف ضرور ملندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو