174

حڪومت جو ڪم قانون جوڙڻ آهي ۽ عدالتون ان تي عمل ڪرائينديون آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا آهن ته قانون جوڙڻ حڪومت جو ڪم آهي ۽ عدالتون ان تي عمل ڪرائينديون آهن. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ خيبرپختونخواهه ۾ سول سرونٽ ايڪٽ ۾ رٽائرمينٽ جي عمر بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سرڪاري ملازمن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سول سرونٽ ايڪٽ ۾ رٽائرمينٽ جي عمر 55 سال ڪئي وئي آهي، 25 سال جي سروس تي رٽائرمينٽ جو قانون ختم ڪيو ويو آهي ۽ اسيمبلي ۾ ڪنهن کي ٻڌڻ ۽ بحث کانسواءِ بل منظور ڪيو ويو آهي. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته جڏهن ماني پچي وئي هجي ته اهو پڇڻ بيڪار آهي ته اٽو ڪٿان آيو، جيڪڏهن ڪنهن کي اسيمبلي جي ڪارروائي تي اعتراض آهي ته اسيمبلي ۾ وڃي شڪايت ڪري. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته قانونسازي ۾ ڪنهن جو موقف ٻڌڻ جو تصور ناهي، جڏهن قانون تي گورنر جي صحي ٿي وئي ته پوءِ معاملو ختم ٿي ويو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪجهه سول سرونٽس جي خدشن تي قانون ته غلط قرار ڏئي نٿو سگهجي، رڳو وضاحتن سان قانون چئلينج ناهي ٿيندو، قانون جوڙڻ حڪومت جو ڪم آهي ۽ عدالتون ان تي عمل ڪرائينديون آهن، قانون آئين تحت ٺهندو آهي رولز آف بزنس سان نه. سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ خلاف هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي معاملو ٻيهر فيصلي لاءِ عدالت کي اماڻي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو ته پشاور هاءِ ڪورٽ قانون مطابق ڪيس جو فيصلو ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو