ليکڪه: عاصمه شيرازي
جنرل مشرف جي اقتدار جو سج پوري آب ۽ تاب سان چمڪي رهيو هو، ڪٿي پري پري تائين اهو امڪان موجود نه هو ته آمريت جي ان دور کي ڪو چئلينج به ڪندو؟ پر نيٺ 9 مارچ 2007ع واري ڏينهن اچي ويو، جنرل مشرف ان وقت جي چيف جسٽس کي کڻي ٻاهر ڪري ڇڏيو، ڀلا وقت ظلم کي معاف ڪري ٿو ڇا؟ عدليا جي بحالي جي تحريڪ شروع ٿي، 3 نومبر 2007ع تي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي ۽ جنرل مشرف ٻيون ڀيرو آئين کي معطل ڪري ڇڏيو، سياسي پارٽيون، وڪيل تنظيمون ۽ ميڊيا ان تحريڪ جو حصو بڻجي ويون، ميڊيا جي آزادي تي به راتاهو هنيو ويو ۽ مون ناچيز سميت 5 اينڪرز تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ته ميڊيا جي تاريخ جي طويل ترين آزادي ڪئمپ لڳائي وئي، اسان سمورا ساٿي اسلام آباد جي عارضي پريس ڪلب يا نجي ٽي وي جي آفيس ٻاهران احتجاجي ڪئمپ هڻي روڊ تي پروگرام ڪندا، شاعري پڙهندا رهياسين ۽ اها جدوجهد اڳتي وڌندي وئي، آئون انهن احتجاجي مظاهرن ۾ اڪثر مشهور شاعر احمد فراز جو مشهور نظم محاصرو پڙهندي هيس، هڪ ڀيرو نظم پڙهڻ لڳيس ته ڏٺم ته فراز صاحب به حاضرين ۾ موجود آهي، همٿ نه ٿي پر فراز صاحب طرفان حوصلو ملڻ کانپوءِ سندس نظم ان آڏو ئي پڙهيم ته اهو انتهائي لطيف احساس ٿيو ته فراز ان کي قبوليت جي سند عطا ڪري ڇڏي، احمد فراز جو نظم ”محاصرو“ لفظن جي صورت ۾ هر دور جي آمر لاءِ للڪار آهي ۽ اڄ به حالتون مختلف نه آهن، ستم ظريفي اها آهي ته اڄ به؛
’میرے غنیم نے مجھ کو پیام بھیجا ہے
کہ حلقہ زن ہیں میرے گرد لشکری اس کے‘
پر جواب اهو ئي آهي جيڪو احمد فراز لکيو هو ته؛
’سو شرط یہ ہے جو جاں کی امان چاہتے ہو
تو اپنے لوح و قلم قتل گاہ میں رکھ دو
وگرنہ اب کے نشانہ کمان داروں کا
بس ایک تم ہو، سو غیرت کو راہ میں رکھ دو
یہ شرط نامہ جو دیکھا تو ایلچی سے کہا
اسے خبر نہیں تاریخ کیا سکھاتی ہے
کہ رات جب کسی خورشید کو شہید کرے
تو صبح اک نیا سورج تراش لاتی ہے‘
سوچ ۽ سوچ ڏانهن ويندڙ سمورن رستن تي ڪنڊيدار تارون لڳايون وڃن، لفظ گروي رکيا وڃن، فهم ۽ ادراڪ کي سلاخن جو قيدي بڻايو وڃي ۽ آگاهي تي قلم 144 لڳايو وڃي تڏهن به تخليق جو رستو ڪٿي ٿو ختم ٿي سگهي، هڪ ڪوڙ سقراط کي زهر جي پيالي کان ته پري ڪري سگهيو ٿي پر تاريخ جي ورقن تي اهو ڪارن اکرن سان لکجي ها، موسيٰ عه فرعون کي خدا تسليم ڪري وٺي ها پر تاريخ آڏو ڪيئن جوابده ٿئي ها؟ عيسيٰ عه غلط کي صحيح مڃي وٺي ها ته مسيحا ڪيئن بڻجي ها؟ حق جي رستي تي هلندڙ سمورا امام ڪربلا ۾ سر ڪٽائيندڙ حسين عه، شاهن جو قصيدو نه پڙهندڙ ملنگ، حق الله جو سبق پڙهندڙ سمورا صوفي ۽ اڄ جي دور جا مرد حُر انڪار جي وجود سان اقرار ڪري سگهن ٿا ۽ تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا. هيءَ تاريخ به عجيب شيءِ آهي، ڪهڙن ڪهڙن کي سرخرو ڪري ٿي ۽ ڪهڙن ڪهڙن کي مصلوب ڪري ٿي، تاريخ نه جبر مڃي ٿي ۽ نه ئي پابندي، تاريخ تي نه ڪو ڏنڊ لڳي ٿو ۽ نه ئي وري ڪو آرٽيڪل، تاريخ نه جيل وڃي ٿي ۽ مرضي واري عدالت ۾ تاريخ جو انصاف به عجب انصاف آهي، حال ۾ زندهه رهندڙن کي مصلوب لکي ٿي ۽ حال جا فيصلا بدلائي ڇڏي ٿي، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته 1400 سال اڳ جن کي باغي چيو ويو اهي ڪربلا جي واريءَ مان شهيد بڻجي نه اٿن ها، جنهن سقراط کي ديوانو ۽ سماج جو دشمن قرار ڏنو ويو اهو اڄ سچ جو علمبردار ڪڏهن به نه هجي، جنهن منصور کي دشمن قرار ڏئي دار جي تختي تي سجايو ويو ان کي تاريخ اڄ به جري جي نالي سان ياد نه ڪري ها، ته ڇا حالتن جي جبر کي صحيح ممڪنات جو انتظار ڪيو وڃي؟ ڇا قلم کي مصلحتن جي مس ۾ ٻوڙيو وڃي؟ ڇا سچ کي حالتن جي پويان ڌڪيو وڃي؟ هڪ لمحي لاءِ ته اها سوچ لڀائي ٿي، پر تاريخ-تاريخ سوچ کي صليب تي چاڙهيندڙن کي ڪهڙو نالو ڏيندي؟ تاريخ قلم کي گروي رکندڙن کي ڪهڙي نالي سان ياد ڪندي؟ تاريخ جي عدالت ۾ ڪنهن جو نالو پڪاريو ويندو؟ تاريخ ڪهڙي شاهدي ڏيندي؟
(بي بي سي اردو جي ٿورن سان)….